ڇاسنڌ حڪومت خيرپورميڊيڪل ڪاليج رجسٽرڊ ڪرائيندي؟
شيرمحمد سولنگي
خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي گذريل 5 سالن کان رجسٽريشن نه ٿيڻ خلاف ۽ ٻين مطالبن جي حل لاءِ احتجاجي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي آهي، ڊاڪٽرن، پروفيسرز سميت شاگردن توڙي سندن والدين ۽ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي آهي.احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ جوڙيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران ڪرنل شاهه گرائونڊ تي احتجاجي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڊاڪٽرن، پروفيسرز سميت شاگردن ۽ شاگردن توڙي سندن والدين، سول سوسائٽي، صحافين، واپارين، وڪيلن، استاد تنظيمن جي اڳواڻن، خيرپور آرٽس ڪائونسل، جسقم، نوجوانن جي تنظيمن، متحده مزدور فيڊريشن، انساني حقن جي تنظيمن، ايمپلائيز يونين سميت 100 کان وڌيڪ مختلف تنظيمن ۽ برادرين جي ماڻهن شرڪت ڪئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي گذريل 5 سالن کان رجسٽريشن نه ٿيڻ پيپلزپارٽي جي موجوده حڪمرانن جي لاپرواهي آهي، سنڌ جو شعور مسلسل 12 ڏينهن کان پنهنجو مستقبل بچائڻ لاءِ احتجاجن روڊن تي آهي ۽ ڪاليج جو مسئلو صرف شاگردن ۽ ڊاڪٽرن جو مسئلو نه آهي پر اهو مسئلو خيرپور جي عوام جي بنيادي حق جو مسئلو آهي، ڪڏهن به ان کي ختم ٿيڻ نه ڏينداسين . هنن چيو ته سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ موجوده وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ٻن سياسي لابين سبب خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جا شاگرد ۽ عملو رولڙي جو شڪار آهي، جيڪي فنڊس جي فراهمي ۾ رڪاوٽون بڻيل آهن. گڏجاڻي دوران ڪي ايم سي پروفيسرن ۽ ملازمن کي پڪو ڪرڻ سميت ايم آر آءِ، سي ٽي اسڪين، پلي گرائونڊس، آڊيٽوريم جون سهولتون فراهم ڪرڻ بابت ٺهراءُ منظور ڪيا ويا. خيرپور: ميڊيڪل ڪاليج جي رجسٽريشن نه ٿيڻ ۽ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جا جائز مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيسرن ڊاڪٽرن ۽ شاگردن جي پنجويهه ڏينهن خيرپور بک هڙتال کانپوءِ خيرپور کان ڪراچي لانگ مارچ ڪري ڪراچي پريس ڪلب پهچي ڌرڻو هنيو جنهن کان پوءِ وزير اعليٰ سنڌ جي خاص معاون نواب علي وساڻ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي وفد سان ملاقات ڪئي جنهن کان بعد نواب علي وساڻ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي وفد جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سي ايم هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪرائي جنهن کان بعد وفد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان اهم ملاقات ڪري سندن جائز مطالبا پيش ڪيا جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي وفد مڃي ورتا ملاقات ڪندڙ ڊاڪٽر اسد الله مهر ڊاڪٽر شريف پنهور ڊاڪٽر ظفر جتوئي ڊاڪٽر جاويد سمون، ڊاڪٽر شفقت شيخ، ڊاڪٽر اختر ڦل ڊاڪٽر آزاد لاشاري ڊاڪٽر عبدالمالڪ سانگري ڊاڪٽر هريش ڪمار ڊي ايم لاشاري ڊاڪٽر مختيار لاکو ڊاڪٽر فرخ ڀنڀرو دائود شاهه ارباب سولنگي ۽ ٻيا شامل هئا جنهن کان بعد خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جو وفد ڌرڻو ختم ڪري خيرپور ڏانهن روانو ٿي ويو، ان موقعي تي وزير اعلي سنڌ جي معاون خاص نواب علي وساڻ صحافين کي ٻڌايو ته خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جا جائز مسئلا ۽ مطالبا پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه جي ڪوششن سان حل ڪرائي ڇڏيا آهن جنهن تي آءُ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه جو تهه دل سان شڪريو ادا ڪريان ٿو جنهن ڪيترين سالن کان خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي رجسٽريشن ۽ جائز مسئلا حل ڪيا ۽ خيرپور جي پروفيسرن، ڊاڪٽرن ۽ شاگردن جو مستبقل تباهه ٿيڻ کان بچائي ورتو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته جيڪي ارڙهين ترميم جي خلاف آهن اهي ڏسي وٺن اسان ان لاءِ هر حد تائين وينداسين. سنڌ اسمبلي۾ خيالن جو اظهار ڪندي مراد علي شاهه چيو ته طئي ڪيو وڃي ته صحت صوبائي معاملو آهي يا وفاقي، اين آءِ سي وي ڊي 60 جي ڏهاڪي ۾ ٺهيو، 2010ع ۾ وفاقي حڪومت اهو ادارو سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو، وفاقي حڪومت اين آءِ سي وي ڊي کي رڳو 70 ڪروڙ رپيا ڏيندي هئي، اسان دل جي بيمارين واري قومي اداري جي بجيٽ وڌائي 13 ارب رپيا ڪري ڇڏي آهي. مراد علي چيو ته اين آءِ سي وي ڊي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ مفت اينجيوگرافي ڪئي آهي، پي ٽي آءِ وارا چئي رهيا آهن اسان ڊاڪٽرن کي ڪڍنداسين، هو اداري جو ٻيڙو ٻوڙڻ چاهن ٿا. وڏي وزير چيو ته اسان کي قانونسازي ڪرڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، اسان وڏي محنت ۽ قيادت جي ويزن سان ادارا ٺاهيا، اسان انهن ادارن کي ڪڏهن به تباهه ٿيڻ نه ڏينداسين، سندس چوڻ هو ته پورو يقين آهي ته اين آءِ سي وي ڊي واپس ملندو، جناح اسپتال الڳ ٿي ويندي ته جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو ارڙهين ترميم خلاف آهن اهي ڏسي وٺن، اسان 18 هين ترميم لاءِ هر حد تائين وينداسين، وزيراعظم طرفان فنڊ ڏيڻ واري ڳالهه تي مونکي جواب ناهي مليو، آئين چوي ٿو ته صحت صوبائي معاملو آهي، اسان پنهنجو حق ڪنهن به کسڻ نه ڏينداسين، بل جي منظور لاءِ اسان جو ساٿ ڏيو، جيڪڏهن مخالف ڌر ساٿ ڏيندي ته اسان پنهنجي عددي اڪثريت سان قانونسازي ڪنداسين. خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۾ پروفيسرن ۽ اسٽاف جي کوٽ، ايم آر آءِ، سي ٽي اسڪين، آڊيٽوريم ۽ پلي گرائونڊ سميت ٻيون سهولتون به نه هجڻ خلاف شاگردن ڪالهه ٽئين ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي شاگرد رحمان، رزاق ۽ عمران چيو آهي ته ڪاليج کي سهولتون نه ملڻ سبب اسان کي پي ايم ڊي سي جي رولز موجب ڊاڪٽر تسليم نه ڪيو ويندو. هنن چيو ته اسان جي پهرين بينچ آهي، مجموعي طور بينچ ۾ 500 کان وڌيڪ شاگرد آهن، انهن سڀني جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي. هنن چيو ته ميڊيڪل ڪاليج ۾ پروفيسرن جي کوٽ آهي، سي ٽي اسڪين، ايم آر آءِ، آڊيٽوريم ۽ پلي گرائونڊ سميت سهولتن جو فقدان آهي، جنهن سبب اسان جي مستقبل تي خطري جي تلوار لٽڪيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪاليج ۾ پروفيسرن ۽ ٻئي اسٽاف جي کوٽ پوري ڪري ايم آر آءِ ۽ سي ٽي اسڪين سميت سموريون سهولتون ڏئي اسان جو مستقبل بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان وزيراعليٰ هائوس آڏو احتجاج ڪنداسين.