مختصر خبرون

ٺٽو: واپاري برادري ٺٽي شهر ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائم جي ڏوهن جي خاتمي لاءِ احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو

ٺٽي جي واپاري برادري ٺٽي شهر ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائم جي ڏوهن ۽ ٺٽو شهر ۾ ڊرينيج جي ناڪاره نظام تي ڳڻتي ظاهر ڪندي لاڳاپيل انتظاميه کي فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندي احتجاج جو چتاء ڏيئي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ تاجر اتحاد ٺٽو شهر جي عهديدارن صدر ڊاڪٽر ڪامران قريشي، سرپرست اعلئ مٺا خان لاشاري، جنرل سيڪريٽري عبدالواحد ميمڻ، دريانو مل ڪوهستاني، ڪامران غني ميمڻ، لالا کونڀاٽي، فريد عالم ميمڻ، ارشاد حسين کتري ۽ ٻين مڪلي پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته، ٺٽي شهر ۽ مڪلي مان هفتي دوران 5 کان مٿي دڪانن کي کاٽ هڻي نامعلوم چور چوري ڪري ويا آهن، جڏهن ته گلين ۽ گهٽين ۾ موبائيل فونون ڦُر ڪرڻ ۽ موٽر سائيڪل چوري ڪرڻ جون وارداتون وڌي ويون آهن، پر پوليس اڃا تائين ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي، جنهن سبب ٺٽي جا شهري ۽ واپاري ڳڻتي ۾ مبتلا آهن، هنن چيو ته ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي انتظاميه جي لاپرواهي سبب سنڌ جو تاريخي شهر ٺٽو گند ڪچري ۽ ڊرينيج جي تباه حالي سبب اجڙي کنڊرات جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، جنهن سبب شهر جي اڪثر علائقن ۾ گندو پاڻي اٿلي روڊن ۽ پاڙن ۾ بيٺل آهي، جنهن سبب شهري مختلف وبائي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا آهن، هنن ميونسپل انتظاميه، ايس ايس پي ٺٽو ۽ چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي آهي ته فوري طور تي ٺٽي شهر تي ڌيان ڏيئي شهر جا مسئلا ۽ شهرين جا خدشا فوري طور دُور ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو رستو اختيار ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button