آرٽيڪل

سنڌ حڪومت، ڪرپشن ۽ تبديلي جي اميد

نئين سال جو سج اڀري چڪو آهي ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال هن هيڏي سيئاندي واري مند ۾ عجيب موڙ تي اچي بيٺي آهي، ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته سنڌ ۾ صوبائي حڪومت کير جون نديون ۽ واهه وهائي ڇڏيا آهن ، سنڌ جي زرخيز زمين وک وک تي پنهنجي ڪڙمين ۽ هارين نارين کي سون ۽ چاندي پئي اپائي ڏئي. سنڌ جا ماڻهو ڏاڍا خوشحال ٿي ويا آهن ، هتي ڪوبه بيروزگار ناهي رهيو، هوٽل ويران ٿي ويا آهن ڪو به واندو هوٽل تي ويهڻ وارو ناهي، بس هوٽل وارن سامهون ڪي گراهڪ اچن ٿا ۽ آرڊر ڏئي هليا وڃن ٿا ايئن هوٽلن وارن جو ڌنڌو به جاري آهي. ٿاڻن تي ڪوبه ڪنهن به قسم جو ڏوهاري ڪيس درج نه پيو ٿئي جو هتي ڏوهه ٿيڻ بند ٿي ويا آهن. سرڪاري آفيسن ۾ وڃڻ جي دير آ بنا رشوت ۽ سفارش جي هر ڪم منٽن ۾ ٿيو وڃي، ڪنهن به غريب غربي کي هاڻي ڌڪا ٿاٻا نصيب ۾ ناهن، سڀ ڪم آسانيءَ سان ٿيو وڃن ، غريبن اٻوجهن کي آفيسن ۾ ڪرسيءَ تي ويهاري چانهه پيئاري ۽ برياني کارائي سندس ڪم منٽن ۾ ڪري ڏنو پيو وڃي، اسپتالن ۾ مريضن کي چڪاسڻ لاءِ رڳو هڪ ڊاڪٽر نه بلڪه ولر ڊاڪٽرن جو پڄيو وڃي، ڊاڪٽر ، نرسون ۽ اسپتالن جو عملو تيستائين پاڻي ڍڪ به نڙيءَ کان نٿو لاهي جيستائين هر مريض جو درد گهٽجي نٿو وڃي. اسڪولن ڪاليجن جون عمارتون جرڪن پيون، استادن جي دل پيرڊ مان نڪرڻ تي چوي ئي نٿي ، مطلب هر طرف سک جو سج روشن نظر پيو اچي، ڪٿي ڪو ڪرپشن جو هلڪڙو بادل به ڏسڻ لاءِ نٿو نظرجي.
پر ڪجهه ماڻهو وري الائي ڇو اجائي واويلا پيا ڪن ته صوبائي حڪومت سموري سنڌ ۾ ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، آبادگارن جي لٽي ليڙ به لاهي کسڻ جا سانباها پئي ڪري، چوڻ وارا چون ٿا ته پ پ پ رهنما جناب آصف علي زرداري، سندس ڀيڻ محترمه فريال ٽالپر ته ڪيترن ئي گناهن ۾ گهيريل آهن پر سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به ڪرپشن جي وهندڙ نديءَ ۾ خوب ٽٻيون هنيون آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ دولت کڻي وڃڻ وارن خلاف جوڙيل جي آءِ ٽي جي رپورٽ موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جي مختلف وزارتن ۽ ادارن مثالطور خزاني ، آبپاشي وغيره ۾ وزير اعليٰ جي حيثيت سان اختيارات استعمال ڪندي خوب لٽ مار ڪئي ۽ انڌ جي گهوڙي تي ويهي تباهي مچائي آهي، هن ڪمند، ڀاڻ ۽ ٽريڪٽرن تي سبسڊي ڏيڻ جي آڙ ۾ معيشت کي وڏو نقصان ڏنو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بدعنواني جي ڌٻڻ ۾ نيشنل بينڪ، سمٽ بينڪ ۽ سنڌ بينڪ کي به استعمال ڪيو آهي. جيڪڏهن صاف لفظن ۾ چئجي ته سيد مراد علي شاهه ڪرپشن جي اهم ڪردارن لاءِ مهرو بڻجي هن ڦرمار ۾ سهوليت ڪار بڻجي ڪم ڪيو آهي ته اهو چوڻ هرگز غلط نه ٿيندو .
سنڌ ۾ ويڳاڻپ ڦهلجي چڪي آهي، گذريل ڪيتري عرصي کان ترقياتي ڪم رڳو ڪاغذن ۾ ڪيا ويا آهن ، اگر ڪٿي ڪو معمولي ڪم نظر به اچي ٿو ته اهو سياسي بنيادن تي پنهنجن چمچن کي نوازڻ لاءِ ڪيو ويو آهي عام ۽ بي پهچ ماڻهن کي گندن نالن جي ڪيل الٽين کي لتاڙي لنگهڻو ٿو پوي، کڏا بڻجي ويل روڊن تان لنگهندي هنيانءَ ڇڄندو محسوس پيو ٿئي، اسپتالن ۾ کين پيٽ جي سور جي ڪا ٽڪي به نٿي ملي، اهو سڀ ان لاءِ ته هتي دولت کي لٽيو ويو آهي، سنڌ اندر اگر ايئن بيدرديءَ سان لٽ مار جي بازار گرم نه ڪئي وڃي ها ته اڄ صوبي ۾ ماڻهن جي ههڙي بري حالت ڏسڻ ۾ نه اچي ها. پر جناب آصف علي زرداري ۽ سندس منظور نظر فردن هميشه عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻي پئي قومي دولت تي هٿ صاف ڪيا آهن جنهن جو ذميوار آصف علي زرداري ته آهي پر سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به سندس ڀاڱي ڀائيوار آهي ۽ تازو جي آءِ ٽي جي آيل رپورٽ ۾ جيترو قدر سيد مراد علي شاهه کي ملوث ڏيکاريو ويو آهي ته ان صورت ۾ هن کي هڪ پل به وڌيڪ ان منصب تي رهڻ جوحق ناهي، کيس هڪدم وزارت اعليٰ تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ ۾ جيڪا رپورٽ پيش ڪئي آهي اها ساڍا ست هزار صفحن تي مشتمل آهي، جيڪا اٺن ڪارٽونن ۾ بند ڪري سپريم ڪورٽ حوالي ڪئي وئي آهي ،ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙيءَ ريت سنڌ ۾ حڪمران پارٽي اومني گروپ کي زبردست فائدا ڏنا. ڪھڙيءَ ريت ان کي شگر مل ڀڳڙن مٺ تي ڏني وئي ۽ ڪهڙيءَ ريت بيمار صنعتن کي هٿي وٺرائڻ جي نالي ۾ اربين رپيا سبسڊي طور ڏنا ويا. اها جاچ ستانوي ماڻهن خلاف شروع ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ ڇھ سئو ماڻهو کي شاهد طور گهرايو ويو هيو، جن مان سٺ ماڻهو ٻاهرين ملڪ ھئا. ان جاچ ۾ مراد علي شاهه سميت ٻه ڊزن آفيسر ۽ بئنڪ ملازم به شامل هئا. ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي احسان صادق جي اڳواڻيءَ ۾ ميمبرن ڪمشنر انڪم ٽيڪس عمران لطيف منهاس، جوائنٽ ڊائريڪٽر اسٽيٽ بئنڪ ماجد حسين، ڊائريڪٽر نيب نعمان اسلم، ايس اي سي پي محمد افضل ۽ آءِ ايس آءِ جو مقرر برگيڊيئر شاهد پرويز بينامي اڪائونٽن جو پتو لڳايو ۽ دنيا کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ڪيڏي جديد انداز سان ٺڳيون ڪيون ويون آهن. جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ 29 بينامي ڪمپنين ذريعي 35 ارب رپين جي مني لانڊرنگ وارو ڪيس جيئن جيئن جاچ هيٺ ايندو ويو، تيئن تيئن اهو طويل ٿيندو ويو ۽ خبرون خلق اهي ٻڌڻ لڳي ته بينامي کاتا ڪي ڏھ پندرهن يا ٻه چار سؤ ۽ هزار ڏيڍ نه پر ويھ هزار کوليا ويا آهن، جيڪا حيرت ۽ تعجب کان گهٽ ڳالھ نه آهي.
رپورٽ موجب سيد مراد علي شاهه جي منظوري سان ٺيڪا وٺندڙ ڪمپنين ڊي بلوچ، ٿڌاڻي انٽرپرائيز، پاڪ اوئيسز ڪمپني توڙي ٺيڪيدارن شير محمد مغيري، سراج الدين سومرو، حاجي ربنواز ۽ ٻين اومني گروپ جي اڪائونٽن معرفت اربين روپيا جناب آصف علي زرداري جي اڪائونٽن ۾ موڪليا آهن. هاڻي سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هن رپورٽ کان پوءِ مراد علي شاهه کي ڀلا ڪهڙو اخلاقي جواز باقي رهي ٿو ته هو وڏ وزارت واري منصب تي ويٺو رهي؟

سنڌ جو عوام هن وقت سمجهي چڪو آهي ته پ پ پ رهنما آصف علي زرداري ۽ سندس ڇاڙتا سنڌ جي عوام سان ويساهه گهاتيون نه ڪن ها ۽ ڦريل دولت تعليم ۽ صحت تي خرچ ڪن ها ته يقينن سنڌ خوشحال هجي ها، هاڻي ماڻهو هنن ذميوارن کي سڃاڻي چڪا آهن ۽ انلاءِ چاهين ٿا ته انهن خلاف قانوني ڪارروائي ٿئي، سنڌ جي لٽيل دولت انهن کان واپس وٺي سنڌ جي ترقيءَ لاءِ ڪتب آندي وڃي ۽ انلاءِ هتان جو عوام نيب، سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي سرڪار طرف واجهائي رهيو آهي ته اهي چورن ۽ لٽيرن جا دڳ تنگ ڪري کين قيد و بند ۾ جڪڙي اسان کي نجات ڏيارين ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ اپاءَ وٺن. پر ڏسجي ته لاڳاپيل ادارا ۽ وفاقي سرڪار پنهنجي اٽل ارادي تي بيهندي هنن ڪرپشن جي بادشاهن خلاف به اهڙي ريت ئي ڪارروائي ڪرائي سگهندي جهڙي ريت هنن کي پردي پويان ڀاڪر پائي پڳ مٽ يار بڻائي ويٺل سندن ساٿين يعني شريف ڀائرن خلاف ڪارروائي ڪرائي رهي آهي.
سنڌ سميت ملڪ جو عوام بهرحال اها ئي اميد رکي ٿو ته نئين سال ۾ تبديلي جو بنياد سنڌ اندر به ڏسڻ ۾ ايندو ان هائوس تبديلي اڻٽر آهي ۽ احتساب به ضرور ٿيندو جنهن سان ملڪ کي ڦريندڙ جيل جي سلاخن پٺيان هٿ مليندي نظربا ته جيڪر اهي ملڪ سان بيوفائي نه ڪن ها ۽ ملڪ جي دولت ايئن بي رحميءَ سان نه لٽين ها.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button