شاھ عبداللطيف يونيورسٽي

شاه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ شيخ اياز تي ڪم ٿئي پيو، ڊاڪٽر ادل جو بيان ذاتي آھي، ترجمان

يونيورسٽي ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت جو ڪو به سوال پيدا نٿو ٿئي جڏهن ته ڊاڪٽر ادل سومرو پاران يونيورسٽي جو جاگيرداراڻي اثر هيٺ هئڻ وارو بيان سندس ذاتي راءِ ۽ يونيورسٽي انتظاميه سان رنجش سبب ٿي سگھي ٿو

انڊس نيوز ڊاٽ، خيرپور
شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ترجمان هڪ اخبار ۾ ڇپيل سنڌ جي ناليواري اديب ۽ شاعر پروفيسر (ريٽائرڊ) ڊاڪٽر ادل سومرو جي انٽرويو ۾ شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي باري ۾ ڏنل بيان کي ذاتي ڄاڻائيندي وضاحت ڪئي آهي ته شاه عباللطيف يونيورسٽي سنڌ جو ٽيون نمبر وڏي مادر علمي آهي جيڪا بهترين طريقي سان تعليمي ۽ تحقيقي معيار جا ڏاڪا طئي ڪري رهي آهي. يونيورسٽي ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت جو ڪو به سوال پيدا نٿو ٿئي جڏهن ته ڊاڪٽر ادل سومرو پاران يونيورسٽي جو جاگيرداراڻي اثر هيٺ هئڻ وارو بيان سندس ذاتي راءِ ۽ يونيورسٽي انتظاميه سان رنجش سبب ٿي سگھي ٿو. ترجمان سنڌي ميڊيا ۾ ڪجھ دوستن پاران حقيقتن کان هٽي مفروضن وارا بيان ڏيڻ جي مذمت ڪندي ٻڌايو آهي ته شيخ اياز جي ورسيءَ تي ڏنل ڪجھ دوستن جو بيان ته يونيورسٽين ۾ شيخ اياز تي تحقيقي ڪم نه پيو ٿئي حقيقت کان هٽيل بيان آهي. ترجمان ٻڌايو ته شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ شيخ اياز چيئر پروفيسر ڊاڪٽر سيد ذوالفقار علي شاه جي اڳواڻي ۾ شيخ اياز تي تحقيقي ڪم ڪري رهي آهي ۽ فعال چيئر طرفان "اياز ريسرچ جرنل” جو اجراءِ ان ڳالھ جو ثبوت آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button