اسلام آباد

اي سي ايل ۾ وڌل نالن تي نظرثاني لاءِ معاملو جائزه ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويندو: چوڌري فواد حسين

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ويب ڊيسڪ
اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا اي سي ايل ۾ وڌل 172 ماڻهن جي نالن تي نظرثاني جي لاءِ معاملو اي سي ايل جائزه ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 3 ججن جي اضافي، غربت مٽائو ادارن کي گڏ ڪري غربت مڪائو ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ، ڳڙهه جي پيداوار ۽ ايڪسپورٽ تي لاڳو پابندي هٽائڻ، بي آر ٽي پشاور جي لاءِ 123 ملين يورو جو قرض، تيل ۽ گئس جي ڊرلنگ جي لاءِ هيوي مشينري تي ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منطوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان مهانگائي تي نوٽيس ورتو ۽ ڀاڄين، ميون ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن ۾ استحڪام جي لاءِ عملي قدمن تي زور ڏنو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button