زراعت

ڊرپ ايري گيشن جي مدد سان ٿر واري علائقي ۾ زرعي پوکائي ڪري سگهجي ٿي، سيمينار کي خطاب

ٿر جي مالوند ماڻهن پاران جانورن جي ٿيندڙ لڏپلاڻ ۾گهٽتائي بابت هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، عمر ڪوٽ
Agricultural seminarپاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل جي ايڊ زون ريسرچ انسٽيٽيوٽ عمرڪوٽ پاران غذائيت جي جنسن ۽ ڏڪاري صورتحال دوران ٿر جي مالوند ماڻهن پاران جانورن جي ٿيندڙ لڏپلاڻ ۾گهٽتائي بابت هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو ، سيمينار ۾ پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل اسلام آباد جي ڊائريڪٽر جنرل عاصم رحمان، چيف سائينسٽيسٽ ڊاڪٽر طاهر، سائينسٽيسٽ ڊاڪٽر قاضي، ڊاڪٽر جاويد، ڊاڪٽر پرويز ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي زرعي شعبي جي شاگرد ۽ شاگردياڻين حمزه پرچا، مسعود پيرزادو، عائيشه، امير حمزه ، سنديش ۽ ٻين شرڪت ڪئي، هن موقعي تي سيمينار کي مهمان خاص ضلعي ڪائونسل چيرمين عمرڪوٽ ڊاڪٽر سيد نور علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته هن زرعي سائينسي ۽ تحقيقاتي اداري پاران بيشمار پروجيڪٽ تيار ڪيا ويا آهن جن جي مدد سان هن خطي جا آبادگار ڀائر پنهنجي زرعي ۽ معاشي ترقي آڻي سگهن ٿا، هن چيو ته ڊپ ايري گيشن جي مدد سان ٿر واري علائقي ۾ زرعي پوکائي ڪري سگهجي ٿي ۽ انهيِءِ ۾ پاڻي جي پڻ بچت ڪري سگهجي ٿي، هن موقعي تي سيمينار کي اعزازي مهمان طور تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر نديم الرحمان ميمڻ چيو ته هن اداري وٽ ڪيترائي وسيلا موجود آهن جن جي مدد سان هن خطي جي زرعي ۽ معاشي ترقي آڻڻ جي لاءِ اپاءٌ وٺڻ ۽ خاص طور تي مالوند ماڻهن کي ڄاڻ ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن وڌيڪ چيو ته زرعي ۽ توسيع کاتو عملي قدم کڻي ۽ انهن پروجيڪٽن جي باري ۾ آبادگارن تائين ڄاڻ جي رسائي کي يقيني بڻائي،هن موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي ايڊ زون عمرڪوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عطا الله خان چيو ته اداري پاران زرعي جنسن ۽ خاص طور تي غذائي خوراڪ جي جنسن تي وڏي تحقيق ۽ ريسرچ ڪئي وئي آهي، هن چيو ته اسان وٽ گوار ، ٻاجهر، مونگ ۽ مرچن سميت ٻين ڪيترن ئي جنسن تي ريسرچ ڪئي وئي آهي ۽ انهن کي جديد ٽيڪنالوجي جي مدد سان مختلف پروجيڪٽس جي صورت ۾ استعمال ڪري هتي جي علائقي ۾ معاشي ترقي آڻي سگهجي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته خاص طور تي ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال دوران ماڻهو پنهنجا جانور اپر سنڌ جي زرعي زمينن ڏانهن وٺي ويندا آهن تنهن ڪري انهن جانورن جي کاڌ خوراڪ ۽ نشونما تي ڪافي سارا اثرات پيدا ٿيندا آهن جنهن جي روڪٿام جي لاءِ پڻ هن اداري پاران ريسرچ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سستي اگهه تي هتي جي علائقي جا مالوند ماڻهو پنهنجن جانورن جي لاءِ چارو تيار ڪرڻ لاءِ ننڍن ننڍن پروجيڪٽن جي مدد سان ڪم ڪري سگهن ٿا،جڏهن ته سيمينار جي آخر ۾ آيل سموري وفد ۽ خصوصي مهمان پاران زرعي جنسن ۽ کاڌ خوراڪ جي لڳايل اسٽال جو پڻ معائينو ڪيو ويو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button