اھم خبرون

ڪرپشن خلاف واويلا ڪندڙ عرفانه ملاح حصو پتي ملڻ کانپوء پنھجي استادن خلاف ڪاروايون ڪري رھي آھي: ڊاڪٽر اظهر علي شاهه

سنڌ يونيورسٽي جو رجسٽرار سينڊيڪيٽ جو ميمبر يا سيڪريٽري نه آهي پر ميٽنگ ۾ غلط تريقي سان شامل ٿي ڪجهه استادن جا اهم فيصلا غلط ڪرايا ويا آهن

امام علي ڀلائي، ڄامشورو
سنڌ يونيورسٽي ۾ استادن جي تنظيم سوٽا دي ريفارميسٽ پينل سميت يونيورسٽي جي استادن طرفان ڪاريون پٽيون ٻڌي پوري يونيورسٽي سميت سينٽرل لائبريري اڳيان احتجاج ڪيو ويو تفصيل موجب سنڌ يونيورسٽي ۾ استادن جي تنظيم سوٽا دي ريفارميسٽ پينل سميت يونيورسٽي جي استادن طرفان ڪاريون پٽيون ٻڌي پوري يونيورسٽي سميت سينٽرل لائبريري اڳيان ٽوڪن احتجاج ڪيو دي ريفارميسٽ پينل جي سرواڻ ڊاڪٽر اظهر علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته استادن خلاف تازو ٿيل سينڊيڪٽ ۾ غلط فيصلا ڪيا ويا آهن سينڊيڪٽ جي مينٽنگ ۾ ڪجهه ماڻهون جيڪي ميمبر نه هئا انھن پاڻ کي ميمبر سڏائي فيصلا غلط ڪيا جيڪي فوري طور واپس ٿيڻ گھرجن سنڌ يونيورسٽي جو رجسٽرار سينڊيڪيٽ جو ميمبر يا سيڪريٽري نه آهي پر ميٽنگ ۾ غلط تريقي سان شامل ٿي ڪجهه استادن جا اهم فيصلا غلط ڪرايا ويا آهن جيڪو عمل سرار غلط آهي سينڊيڪيٽ جي هاڻوڪي ٿيل ميٽنگ جو ڪورم پورو نه هو غير قانوني طور 5 ماڻهو ويٺل هئا وڏو وزير مرادعلي شاھ، پروچانسلر سيد سردار شاه ۽ يونيورسٽين جي سيڪريٽري کان مطالبو آهي ته سينڊيڪيٽ جا منٽس ڪينسل ڪري استادن جي ھڪ گروح جي فرمائش تي ٿيل غلط فيصلا واپس ورتا وڃن هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڪيڊمڪ ڪائونسل جي منظوري جي بغير مقرر ڪيل بورڊ آف ايڊواس اسٽڊيز جا ٽي ميمبر واپس ورتا وڃن
22 ھين گريڊ جو سليڪشن بورڊ ۽ سنڊيڪيٽ جي خالي سيٽن تي اليڪشن ڪرائي وڃي ڪرپشن خلاف واويلا ڪندڙ عرفانه ملاح حصو پتي ملڻ کانپوء پنھجي استادن خلاف ڪاروايون ڪري رھي آھي ته جيئن سندس خلاف ڪير آواز اٿاري نه سگھي- سندس ايسوسئيٽ پروفيسر ۽ پروفيسر طور مقرري جي غير جانبدار ڪميٽي ذريعي جاچ ٿيڻ گهرجي. 2015 کان 2017 تائين سنڊيڪيٽ ۾ ايسوسئيٽ پروفيسر طور ميمبر ھئڻ جي باوجود پروفيسر جي پگھار ڪئن حاصل ڪئي وئي غيرقانوي طورسنڊيڪيٽ جو اجلاس ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ان موقعي تي احتجاج ۾ پروفيسر اظھر علي شاھ پروفيسرانتظار لاشاري پروفيسر اياز ڪيريو ڊاڪٽر علي قريشي ڊاڪٽر نويداشاه ڊاڪٽر علي قريشي ۽ ٻين جو خطاب هنن جو چوڻ هو ته هي بليڪ ڊي احتجاج جاري رهندو جيستائين مطالبا نه ٿا مڃا وڃن اگر انتظاميه ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو