ٺٽو

مڪلي جي رهواسي ڳوٺاڻن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت قبضا مافيا خلاف احتجاج

هٿياربندن حملو ڪري اسان کي ڳوٺ خالي ڪرائڻ ۽ ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن

ايم ايڇ ڪنڀار
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ٺٽو
Makli residents protestingمڪلي جي رهواسي ڳوٺاڻن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت قبضا مافيا خلاف احتجاج، هٿياربندن حملو ڪري اسان کي ڳوٺ خالي ڪرائڻ ۽ ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، متاثرين جون دانهون، خبر موجب مڪلي باء پاس لڳ ڳوٺ حسين پالاري جي رهواسي پالاري برادري جي متاثر ڳوٺاڻن پنهنجي عورتن ۽ ٻارڙن سميت مڪلي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو ۽ قبضا مافيا خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ متاثر ڳوٺاڻن ۽ سندن عورتن محمد عارب پالاري، رفيق پالاري، مسمات بچائي ۽ مسمات جياري ۽ ٻين دانهيندي صحافين کي ٻڌايو ته، نوري آباد سان تعلق رکندڙ ڏوهاري قسم جا ماڻهو دوسو، قادو ۽ ٻيا جيڪي ناجائز قبضا گير پڻ آهن، سندن ڳوٺ تي حملو ڪري کين سندن گهرن تان بيدخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن ۽ گذريل ڏينهن عدالت ويندي به مٿن حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هنن دانهيندي وڌيڪ چيو ته نوري آباد سان تعلق رکندڙ مذڪوره قبضا گيرن جو ڏوهاري رڪارڊ به آهي، جيڪي سندن ڳوٺ واري پلاٽ تي قبضو ڪري ان کي وڪرو ڪرڻ لاء کين ڌمڪائي بيدخل ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن لاء انهن 2 دفعا سندن گهرن تي حملا ڪري کين گهر خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ جان سان مارڻ ۽ ڪاروڪاري جا الزام مڙهي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون آهن، هنن ضلعي انتظاميه اعلئ عدليه ۽ وس وارن کان گُهر ڪئي آهي ته، قبضا گيرن خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفظ مهيا ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button