ٺٽو

پريس ڪلب مڪلي جا نوان عھديدار چونڊجي ويا

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
پريس ڪلب مڪلي جي جنرل باڊي جو اھم اجلاس پريس ڪلب مڪلي جي صدر سيد گل شاھ جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ متفقہ راء سان پريس ڪلب مڪلي جي نئي سال جي نئي باڊي جوڙي ويئي، جنھن ۾ سينيئر صحافي ۽ جاکوڙي ڪردار محبوب بروهي مڪلي پريس ڪلب جو صدر، نائب صدر سيد گل شاھ، جنرل سيڪريٽري احمد خشڪ، جوائنٽ سيڪريٽري علي اڪبر دلواڻي، خزانچي عبدالرزاق ميمڻ، جڏھن تہ ورڪينگ ڪميٽي ۾ سينيئر صحافي اعجاز واريو، محمد ايوب ملاح، گل حسن جاکرو ۽ مھر علي حمائتي کي چونڊيو ويو، چونڊيل نئي باڊي جي عھديدارن کي مختلف سياسي،

محبوب بروھي

سماجي اڳواڻن، سرڪاري عملدارن پاران مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري اھي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ٺٽو شبير سيٺار، سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻن ڏاڏا آدم گندرو، ظھور احمد ملاح، عرس گندرو، راشد ملاح، سماجي اڳواڻ اوڀايو خشڪ، نور محمد ڀٽو، شريف رند، عبدالرحيم جوکيو ۽ ٻين پھڇي چونڊيل عھديدارن کي اجرڪون ۽ گلن جا ھار پھرائي مبارڪون ڏنيون ۽ اميد ظاھر ڪئي تہ پريس ڪلب مڪلي جي چونڊيل نئي باڊي جا عھديدار اڳ کان بہ وڌيڪ مظلوم ماڻھن جي آواز کي ايوانن تائين پھچائي کين انصاف فراھم ڪرائيندا، اجلاس ۾ صحافي محمد حنيف جاکرو جي والد جي وفات تي فاتح خواني ڪري مرحوم جي مغفرت لاء دعائون گھريون ويون. اجلاس ۾ سمورن صحافين وڏي انگ ۾ سرڪت ڪئي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو