رانديون

شاه عبداللطيف يونيورسٽي جي فٽبال ٽيم انٽريونيورسٽي فٽبال چيمپئين شپ کٽي ورتي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور

Football Championship
شاه عبداللطيف يونيورسٽي جي فٽبال ٽيم انٽريونيورسٽي فٽبال چيمپئين شپ کٽي ورتيx

شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ترجمان  پنهنجي پريس رليز ۾ ٻڌايو آهي ته يونيورسٽي جي فٽبال ٽيم انٽريونيورسٽي فٽبال چيمپئين شپ جي فائنل ۾ مهراڻ يونيورسٽي آف انجينئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي ڄامشورو کي ٻڙي جي مقابلي تي ٽن گولن تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو چيمپيئن شپ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. واضح رهي ته چيمپيئن شپ لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ڄامشورو ۾ منعقد ٿي. هن تاريخي ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاه يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن محمد مراد پيرزاه ۽ فٽبال ٽيم جي رانديگرن کي مبارڪباد ڏني.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button