ڪراچي

علي رضا عابدي جهڙن سياستدانن جي شهر کي ضرورت آهي: بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن آصف زرداري اجازت ڏي ته هڪ هفتي ۾ تحريڪ انصاف حڪومت ڪيرائي سگهون ٿا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ويب ڊيسڪ
ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن آصف زرداري اجازت ڏي ته هڪ هفتي ۾ تحريڪ انصاف حڪومت ڪيرائي سگهون ٿا، پي ٽي آءِ حڪومت 6 ووٽن تي بيٺل آهي، حڪومت ڪيرائي ۽ کين گرفتار به ڪرائي سگهون ٿا. ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي مقتول اڳواڻ علي رضا عابدي جي وارثن سان تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تحريڪ انصاف کي حڪومت ڪرڻ نه ٿي اچي، هاڻي خبر پئي ته سندن حساب به ڪمزور آهي، مون وٽ سنڌ ۾ 99 سيٽون آهن. هن چيو ته جعلي ڪوڙي جي آءِ ٽي رپورٽ آهي، اسان هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته علي رضا عابدي جهڙن سياستدانن جي شهر کي ضرورت آهي، ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو دهشتگردي آهي پر اسان جو ڌيان ٻئي هنڌ آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت جو هڪ وزير ايف آءِ اي وٽ ويٺل هوندو هو، اسان عدالتن ۾ پنهنجو ڪيس وڙهنداسين، آصف زرداري هر ڪيس جو مقابلو ڪيو ۽ هر ڪيس مان بري ٿيو آهي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو