مختصر خبرون

خيرپور جي عدالتن مان ٽيهن کان وڌيڪ پوليس عملدارن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
خيرپور جي عدالتن مان ٽيهن کان وڌيڪ پوليس عملدارن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري، کين عدالت ۾ پيش ڪرائڻ لاءِ پوليس کي حڪم، ٽنڊومستي ٿاڻي جو ٿاڻيدار ڀي شامل. تفصيل مطابق سيشن جج صدف کوکر جي عدالت ٽنڊومستي ٿاڻي جي هڪ منشيات ڪيس ۾ مسلسل غيرحاضر رهڻ تي ٽنڊومستي ٿاڻي جي ٿاڻيدار انسپيڪٽر صادق علي عباسي جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي پاسي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج عبدالرحمان قاضي جي عدالت پڻ مختلف ڪيسن ۾ مسلسل غيرحاضر رهندڙ پوليس عملدارن علي ڏنو ڀنڀرو، محمد اشرف تنيو، غلام شبير لاڙڪ، منصور علي جتوئي، علي رضا گڏاڻي، علي مراد ميمڻ، مير محمد سهتو، لونگ خان ٻٻر، هاشم شر، منصور علي نظاماڻي، شاهنواز گوپانگ، حسين بخش بگٽي، نظير احمد ڀيو ۽ حسين بخش سمنگ جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرائيو وڃي

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو