آرٽيڪل

مرغانِ چمن جو ڇا ٿيندو؟

مير منصور احمد

Mansoor 103
منصور احمد جمالي

سنڌ ۾ تبديلي جي هوا گهلي رهي آهي. سنڌ جو وڏو سياسي خاندان نيب ۽ عدالتن جي ريڊار تي آهي. آصف علي زرداري ۽ بلاول سميت پيپلز پارٽي جا ڪافي اڳواڻ ڪرپشن ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن. سرد موسم ۾ سياسي پد ۾ واڌارو اچي رهيو آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي اڳواڻن جي حق ۾ بيان ڏئي رهي آهي اتي ئي گورنمنٽ پيپلز پارٽي جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪري رهي آهي. تحريڪ انصاف سنڌ ۾ حڪومت جي تبديلي ۽ گورنر راڄ جو اشارو ڏئي چڪي آهي. بظاهر نظر اچي رهيو آهي تـ پيپلز پارٽي هن صورتحال ۾ پريشان ضرور نظر اچي رهي آهي. وفاقي وزير علي زيدي مطابق آصف علي زرداري جو وقت پورو ٿي چڪو آهي. تحريڪ انصاف سنڌ ۾ جي ڊي اي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري رهي آهي. سٽون لکجڻ تائين جي خبرن موجب تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي لياقت جتوئي، فهميدا مرزا، اياز لطيف پليجو، سردار علي گوهر مهر سميت مختلف اڳواڻن سان ملاقاتون رٿيل آهن. جڏهن تـ گورنر سنڌ عمران اسماعيل موجب تحريڪ انصاف هارس ٽريڊنگ نـ ڪندي ڇو تـ اها بـ ڪرپشن آهي باقي پيپلز پارٽي کي گهرجي تـ پنهنجو وزيراعلى تبديل ڪري ڇو تـ مراد علي شاه وزيراعلى رهڻ جو اخلاقي جواز وڃائي چڪو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ سنڌ جو عوام ڳڻتي ۾ ورتل آهي تـ سنڌ ۾ ڇا ٿيڻ پيو وڃي؟. سنڌ ۾ حڪومت تبديل ٿي يا نـ پر سنڌ جا سور ساڳيا ئي رهندا. اڃا پاڻ سنڌ جو عوام وڌيڪ ڀوڳيندو ڇو تـ سنڌ مارشلا ۽ جهموريت ٻنهي ۾ صرف ڀوڳيو ئي آهي.  سنڌ ضيائي دور بـ ڏٺو، سنڌ ڀٽو بـ آزمايو، سنڌ بينظير بـ ڏٺي ۽ نواز شريف، مشرف بـ آزمايا. ڪيئي حڪومتون آيون ويون پر سنڌ جا سور ساڳيا ئي رهيا.  سنڌ سڄي پاڪستان ۾ مظلوم صوبو رهيو آهي. سڀني کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ سنڌي عوام جي قسمت ۾ سدائين سور ئي رهيا آهن. پنجاب ترقي ڪري رهيو آهي. پختون خواه جو عوام ڪافي سجاڳ ٿي چڪو آهي ۽ پاڪستان ۾ وڙهي سڙهي پنهنجو اسٽيڪ مڃائي چڪو آهي. بلوچستان تمام گهڻو پوئتي آهي. جڏهن تـ سنڌ پهنجي ئي اڳواڻن جي غلطين ڪري ڪافي موقعا ملڻ بعد بـ ڪجه حاصل نـ ڪري سگهي آهي. سنڌي عوام کي هن صورتحال ۾ سنجيده ٿي ڪري سوچڻ گهرجي ۽ پهنجي راه جو تيعن ڪرڻ کپي تـ سنڌ لاء ڪير بهتر آهي. سنڌ کي نوان متبادل ڳولڻ گهرجن. سنڌي عوام کي هاڻ سجاڳ ٿيڻو پوندو ڇاڪاڻ تـ نتيجو سڀني جي آڏو آهي. هنن 15 سالن ثابت ڪيو آهي تـ نااهل اسان جو مالهي آ هن منهنجي چمن جو ڇا ٿيندو.؟

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button