پرڏيھي خبرون

پاڪستان ۽ قطر ۾ افغان عمل تي ڳالهيون، دوحا ۾ پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ جو اعلان

انڊس نيوز ڊاٽنيٽ، ويب ڊيسڪ

دوحا: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ ڏينهن جي دوري تي قطر پهچي ويو، جتي هن اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪيون آهن. پرڏيهي وزير شاههSMQ in Qatarمحمود قريشي هوائي اڏي تي پهتو ته قطر  پرڏيهي وزارت جي چيف آف پرٽوڪول سندس آجيان ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستاني سفير ابراهيم يوسف فخر ۽ سفارتخاني جي سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي قطر جي وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ ٻين عملدارن سان ملاقاتون ڪيون آهن. ان موقعي تي پاڪستان ۽ قطر سهڪار وڌائڻ ۽ اهم علائقائي توڙي عالمي معاملن تي خيالن ڪيون ويون. پاڪستان ۽ قطري اختيارين ۾ ٿيل ملاقاتن ۾ خطي جي مجموعي صورتحال افغان مفاهمتي عمل تي ڳالهيون ٿيون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي قطري هم منصب ۽ نائب وزيراعظم شيخ محمد سان ملاقات ڪئي جنهن دوران گڏيل رابطن ۾ هٿي سميت خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران قطري پرڏيهي وزير قطر ۾ موجود پاڪستاني محنت ڪش طبقي جي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته جلد وڌيڪ پاڪستانين کي قطر ۾ ملازمت جا موقعا فراهم ڪنداسين.قطري پرڏيهي وزير شيخ محمد افغانستان سميت علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي به ساراهيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پاڪستان 2022ع ۾ امڪاني فيفا ورلڊ ڪپ ۾ قطر سان هر طرح تي معاونت فراهم ڪندو، پاڪستان قطر ٻه طرفي واپار ۾ گذريل هڪ سال ۾ سٺي واڌ ٿي آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻه طرفي واپار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو، قطري هم منصب شاهه محمود قريشي جي اعزاز ۾ مانجهاندو به ڏنو. قطر روانگي کان اڳ شاهه محمود قريشي چيو ته قطر نار جي ملڪن ۾ هڪ اهم ملڪ آهي جنهن جا پاڪستان سان گهرا لاڳاپا آهن. هن چيو ته قطري هم منصب مون کي دوري جي دعوت ڏني، قطر جو دورو چار ملڪي دوري جي سلسلي ۾ هڪ ڪڙي آهي، قطر امن ۽ مفاهمتي عمل ۾ ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، امن ۽ مفاهمتي عمل ۾ قطر جي راءِ وٺڻ ۽ مشاورت ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان خطي جي ملڪن سان رابطا وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اڄ رٿيل قطري اختيارين سان ملاقاتن ۾ خطي جي صورتحال ۽ افغانستان جي معاملن تي ڳالهيون ٿينديون.  شاهه محمود قريشي چيو ته ماضي جي ملاقاتن ۾ جيڪي معاملا طئي ٿيا تنهن کي اڳتي وڌايو ويندو، پاڪستان ۾ قطر جي سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button