آرٽيڪل

سنڌ ۾ پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جي وچ ۾ ٿيل ملاقات

سنڌ ۾ هڪ نئي مهم هلڻ واري آهي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي اقتدار کي لوڏا ڏيڻ لاءِ بندوبست ٿي رهيو آهي

شير محمد سولنگي

Sher Muhammad Solangi
شير محمد سولنگي

سنڌ ۾ هڪ نئي مهم هلڻ واري آهي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي اقتدار کي لوڏا ڏيڻ لاءِ بندوبست ٿي رهيو آهي . ان مهم ۾ خان ڳڙھ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي هڪ ته پيپلز پارٽي جون وڪيٽون ڪيرائڻ لاءِ نيٽ پريڪٽس ٿي رهي آهي . ٻيو سنڌ گورنر راڄ جي نافذ ٿيڻ واري گردشي افواهي بڻاس سنڌ جي ماڻهن ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو آهي . ان کان علاوه  وري هاڻي اها گردشي خبر ڪر کڻي رهي آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي مخالف سونامي اڀرڻ واري آهي پيپلز پارٽي جن کي کير پياري اهي ئي هاڻي پيپلز پارٽي کي ڇڏڻ وارا هون به ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ وارا گٽ هوندا اهن هن وقت پيپلز پارتي جي مرڪزي قيادت مٿان مشڪل وقت اچڻ وارو آهي ته پيپلز پارتي جي صف مان همراهن سرڪڻ شروع ڪيو آهي اڃا تهعير رسمي ڳالهيون هڪ افواھ جي صورت ۾ بڌڻ لاءِ ملي رهي آهي پر جڏهن ٻورا سبجندا آهن اٺ رنڀڻ شروع ڪندا آهن . هي وقت به اهو آهي ٻورا سبجن پيا اٺ رنڀن پيا ان مان ثابت ٿي رهيو آهي سنڌ ۾ وڏي پئماني تي جوڙ ٽوڙ ٿيڻ وارو  آهي . اها چوڻ به وقت کان اڳ آهي پر ڪجھ سوشل ميڊيا تي شوشا هلي رهيا آهن جن صداقت آهي يا نه پر ڪجھ امڪاني صورتحال آهي جنهن ڪري ڪجھ ردوبدل ٿي رهي آهي سنڌ ۾ جيڪڏهن گورنر راڄ لڳو ۽ ان کان بعد ۾ آصف علي زرداري صاحب کي گرفتار ڪيو ويو ته پوءِ ان صورتحال ۾ عوامي رد عمل جو تمام گھٽ چانسس  آهي . بحر حال ڪا منهنجي ذميواري ناهي اها حڪومت جي ذميواري آهي ته اها ان معملي کي ڪيئن ڏسي رهي آهي سنڌ ۾ جيڪڏهن گورنر راڄ لاڳو ٿيو ته اهو به مقرر مدت تائين هوندو ان کان پوءِ ڇا ٿيندو نئي سر سنڌ ۾ انتخابات ڪرايا ويندا يا ڪا نئو سيٽ اپ جوڙيو ويندو بحر حال ڪڪر اڏامي رهيا آهن گجگوڙ ٿي رهي آهي سنڌ ۾ ڪجھ نه ڪجھ ٿيڻ وارو آهي . جنهن ڪري سنڌ ۾ رابطا مهم وڌي وئي آهي پيپلز پارٽي جا به جلسا ٿي رهيا آهن هاڻي جي ڊي اي ۾ ساھ پئجي رهيو آهي . اهو ان ڪري چئي رهيو آهيان ته خانڳڙهه ۾ پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي اڳواڻن جي 3 ڪلاڪ ٿيل ملاقات ۾ سنڌ ۾ پ پ حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ پ پ جي ناراض ايم پي ايز سان رابطن جو فيصلو، جوڙ توڙ لاءِ ٽاسڪ علي گوهر مهر حوالي ،رپورٽ موجب ڪالهه خانڳڙهه ۾ گوهر پئلس تي جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر جي دعوت تي پهتل سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ،پي ٽي آءَ اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ٻين اڳواڻن وچ ۾ ٿيل 3 ڪلاڪن جي ملاقات بابت ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي گڏجي سنڌ ۾ پ پ حڪومت کي ڪيرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي پاران سنڌ حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ پ پ جي ناراض ايم پي ايز سان رابطا ڪري پاڻ سان گڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي گڏيل طور تي رابطا مهم جو ٽاسڪ جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي علي گوهر خان مهر حوالي ڪيو ويو آهي. واضع رهي ته جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي علي گوهر خان مهر جي دعوت تي خانڳڙهه پهتل گورنر سنڌ عمران اسماعيل ان کان هڪ ڏينهن اڳ وزيراعظم پاڪستان عمران خان سان پڻ ملاقات ڪئي هئي ۽ ان ملاقات بعد ڪراچي ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجه اظهارالحسن سان پڻ ملاقات ڪرڻ بعد خانڳڙهه علي گوهرخان مهر جي دعوت تي پهتو آهي خانڳڙهه ۾ ٿيل ملاقات ۾ سنڌ ۾ پ پ حڪومت ڪيرائڻ لاءِ صلاح مشورا ڪرڻ بعد انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ اڳواڻ تاربنگلي روانا ٿي ويا آهن جتي رات ترسندا ۽ وڌيڪ ڪجهه رهيل معاملا فائنل ڪيا ويندا سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ گورنر راج جون ڳالهيون ڪري سياسي شهيد بڻجڻ چاهي ٿي، پر اسان ان جي سياسي شهيد بڻجڻ جي ڪوشش ۾ ساٿ نه ڏينداسين، منهنجي وزير اعظم سان گورنر راج جي حوالي سان ڪي به ڳالهيون نه ٿيون آهن، پيپلزپارٽي گورنر راج جون ڳالهيون ان لاءِ ڪري رهي آهي ته ان کي خوف آهي جهڙي طرح نواز شريف جيل ويو آهي انهن جي قيادت به نه جيل هلي وڃي، جيڪڏهن هو سياسي شهيد بڻجڻ چاهين ٿا ته سندن انهن جي پنهنجي مرضي آهي، فارورڊ بلاڪ بڻجڻ يا نه بڻجڻ انهن جو پنهنجو معاملو آهي اسان جو ان سان ڪوبه تعلق نه آهي، اسان سنڌ حڪومت کي ختم ڪرڻ نه ٿا چاهيون صرف سنڌ جي ماڻهن جون تڪليفون ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار سرڪٽ هائوس سکر ۾ خان ڳڙهه روانگي کان اڳ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ڪيو هن چيو ته ڪراچي ۾ تازو ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا افسوسناڪ آهن، انهن ۾ ڪجهھ اهم گرفتاريون به ٿيون آهن ۽ وڌيڪ گرفتاريون ٿينديون، علي رضا عابدي جي قاتلن تائين پهچي چڪا آهيون،هن چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ٽنهي گروپن تي حملا ٿي چڪا آهن جنهن مان صاف ظاهر آهي ته ڪانه ڪا اهڙي قوت آهي جيڪا چاهي ٿي ته هي پاڻ ۾ وڙهن، ڪراچي سميت سنڌ ۾ امن قائم نه ٿي سگهي، ان لاءِ اسان هر طرح سان غور ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ اجلاس به ڪيو آهي ۽ فيصلن کان وزير اعظم کي به آگاهه ڪيوآهي، سنڌ جا ماڻهن ابتر صورتحال کان گذري رهيا آهن، اندورني سنڌ جا ماڻهو جنهن تڪليف مان گذري رهيا آهن انهن جو احساس هجڻ گهرجي پر حڪومت انهن جو احساس نه ڪري رهي آهي.سنڌ حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ پ پ جي ناراض ايم پي ايز سان رابطا ڪري پاڻ سان گڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي گڏيل طور تي رابطا مهم جو ٽاسڪ جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي علي گوهر خان مهر حوالي ڪيو ويو آهي واضع رهي ته جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي علي گوهر خان مهر جي دعوت تي خانڳڙهه پهتل گورنر سنڌ عمران اسماعيل ان کان هڪ ڏينهن اڳ وزيراعظم پاڪستان عمران خان سان پڻ ملاقات ڪئي هئي ۽ ان ملاقات بعد ڪراچي ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجه اظهارالحسن سان پڻ ملاقات ڪرڻ بعد خانڳڙهه علي گوهرخان مهر جي دعوت تي پهتو آهي خانڳڙهه ۾ ٿيل ملاقات ۾ سنڌ ۾ پ پ حڪومت ڪيرائڻ لاءِ صلاح مشورا ڪرڻ بعد انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ اڳواڻ تاربنگلي روانا ٿي ويا آهن جتي رات ترسندا ۽ وڌيڪ ڪجهه رهيل معاملا فائنل ڪيا ويندا.هوڏانهن سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آھي ته کيس گورنر راڄ جو ڪو اطلاع ناهي جي آءِ ٽي رپورٽ تي تنقيد افسو سناڪ آھي ڪو قانوني جنگ وڙھي يا رستن تي هر هڪ جو پنهنجو فيصلو آھي ڌمڪين ۾ نه اچبو احتساب جو عمل جاري رهندو سرڪٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي عمران اسماعيل چيو ته گورنر راڄ جون ڳالهيون پيپلز پارٽي جي ڪيمپ مان ٻڌجن پيون کيس گورنر راڄ بابت ڄاڻ ناهي پر آئون چوان ٿو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ نه لڳندو پيپلز پارٽي سياسي شھيد بڻجڻ لا اهڙيون ڳالهيون ڪري رهي آھي جي آءِ ٽي رپورٽ تي تنقيد ڏک جهڙي ڳالهه آھي ڪنهن کي تڪليف آھي ته عدالتون کليل آھن،  زرداري صاحب الائي ڪهڙي جنگ جي ڳالهه ڪري رهيو آھي ڪو قانوني جنگ وڙهي ٿو يا رستن تي هر ڪنهن جو پنهنجو فيصلو آھي ڪنهن جي به ڌمڪين ۾ نه اچبو احتساب جو عمل جاري رهندو پيپلز پارٽي ڪهڙي ميدان تي وڙهندي اهو ان جو فيصلو آھي هن چيو ته حڪومت ڪيرائڻ نٿا چاهيون خواهش آھي ته سنڌ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري سنڌ حڪومت کي عوام جي تڪليفن جو احساس هئڻ گهرجي عوامي نمائندا جيڪو مينڊيٽ وٺي آيا آھن تن جو خيال رکن عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ افسوسناڪ واقعا ٿيا آھن ايم ڪيو ايم جي  ٽنهي  گروپن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو ويو آھي پهريان ايم ڪيو ايم پوءِ پي ايس پي ۽ هاڻي عابدي کي قتل ڪيو ويو آهي عابدي جي قتل پٺيان ڪنهن قوت جو هٿ آهي قاتلن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آھي . ڪراچي ۾ بد امني سي پيڪ عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي سميت ٻين ڪاميابين  کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش آهي ميڊيا ان معاملي کي گهڻو مشهور نه ڪري ان سان عالمي سطح تي ملڪ جي بدنامي ٿي رهي آھي. ڪراچي ۾ پيئڻ جو پاڻي اهم مسئلو آھي صوبي سان گڏ وفاق به ان مسئلي کي حل ڪرڻ لا ڪم ڪري پيو ، خواجه اظهار سان ملاقات اتفاقي آھي هو سکر ۾ موجود هو ساڻس سياست ۽ صوبي جي معاملن تي ڳالهيون ضرور ٿيون آھن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button