ڪراچي

اسريٰ اسپتال جي ملڪيت قرار ڏئي اسپتال کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو وڃي، سنڌ نيشنل تحريڪ

خيراتي اسپتال اسريٰ يونيورسٽي انتظاميا پاران خيراتي اداري جي آڙ ۾ ڪيل اربين روپين جي ڪرپشن جو نوٽيس وٺي

پريس رليز
Isra University employees protestingڪراچي: خيراتي اسپتال اسريٰ يونيورسٽي انتظاميا پاران خيراتي اداري جي آڙ ۾ ڪيل اربين روپين جي ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ڪرپٽ انتظاميا کي گرفتار ڪري ۽ خيراتي اسريٰ اسپتال جي نالي ۾ ڪرپشن ذريعي ٺاهيل اربين روپين جا اثاثا اسريٰ اسپتال جي ملڪيت قرار ڏئي اسپتال کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو وڃي، اسريٰ يونيورسٽي بچايو ڪاميٽي پاران ڪاميٽي جي ڪنوينر ۽ سنڌ نيشنل تحريڪ جي چيئرمين اشرف نوناري، سنڌ يونٽي فورم جي سربراهه عبدالعزيز ڦل، ناري تحريڪ جي اڳواڻ ڊاڪٽر عظميٰ جوکيو، جسقم ضلعي ملير جي آرگنائيزر ڪامران ابڙو، ايس يو پي اڳواڻ منير مگسي، سيما سحر، سڪينا سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئينر کنيل هئا جيڪي اسريٰ اسپتال جي ڪرپٽ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا، مظاهرين کي خطاب ڪندي اشرف نوناري ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته اسريٰ اسپتال هڪ خيراتي ادارو آهي جيڪو صاحب حيثيت ماڻهن جي زڪوات، فطري ۽ چندي سان قائم ٿيو آهي ۽ ان خيراتي اداري مٿان قابض هڪئي خاندان جي ماڻهن جو قبضو آهي جن اداري ۾ ڪرپشن ڪري ۽ غريب مريضن کان علاج جا ڳرا بل وٺي ڪراچي ۾ طبريٰ ڪاليج، گلشن اقبال ۾ فزيو ٿراپي ڪاليج، اسلام آباد ۾ نفيس ميڊيڪل ڪاليج، اسلام آباد ۾ اسريٰ انجنيئرنگ ڪاليج، ٽنڊو آدم ۾ اسريٰ ڪاليج، حيدرآباد باءِ پاس تي اسريٰ اسڪول، قاسم آباد ۾ اسريٰ اسڪول، حيدرآباد ۾ اسريٰ وليج، اسريٰ ٽاور، اسريٰ هائوسنگ اسڪيم، ڪنڊيارو ۾ اسريٰ هائوسنگ اسڪيم جوڙي آهي جنهن جي ماليت اربين روپين جي آهي جيڪا قاضي برادران ٽرسٽ جي پئيسن مان ذاتي پراپرٽي ٺاهي آهي، جڏهن ته اسريٰ يونيورسٽي خيراتي اسپتال ۾ غريب مريضن جو علاج مهانگو آهي ۽ اسريٰ اسپتال ۾ هڪئي خاندان جا 70 کان وڌيڪ ماڻهون غير قانوني طور تي وڏين وڏين پوسٽن تي مقرر ٿيل آهن جيڪي ماهوار لکين روپين جون گهر ويٺي پگهارون کڻن پيا جيڪو عمل ڪرپشن جو وڏو مثال ۽ مئيرٽ جو قتل آهي، هن چيو ته اسريٰ ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ميئرٽ ۽ سيلف فناس واري داخلائن ۾ پڻ لکين روپيا رشوت طور ورتا پيا وڃن جنهن جو (پي ايم ڊي سي) ۽ جاچ ڪندڙ ادارا نوٽيس وٺن، مظاهرين چيف جسٽس، چيئرمين نيب، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن حيدرآباد ۽ ٻين جاچ ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو ته خيراتي اسپتال اسريٰ يونيورسٽي جي آڙ ۾ انتظاميا جيڪا اربين روپين جي غير قانوني پراپرٽي جوڙي آهي ان کي خيراتي اداري جي ملڪيت قرار ڏنو وڃي ۽ اداري کي ايڌي فائونڊيش يا ڇيپا فائونڊيش جي حوالي ڪيو وڃي، خيراتي اسپتال ۾ ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪري اسريٰ اسپتال جي ايڊمنسٽريٽر ۽ وي سي سميت ٻئي انتظاميا کي فوري طورگرفتار ڪيو وڃي، هنن چيو ته جيڪڏهن اسريٰ اسپتال ۾ ڪيل ڪرپشن جو نوٽيس نه ورتو ويو ته پوءِ 5 فيبروري تي گورنر هائوس جو گهيراءَ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button