نواب شاھ

ضلعي جي سمورن اسڪولن ۾ سهولتون فراهم ڪيون وينديون.ڊپٽي ڪمشنر ابراراحمد جعفر

ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ابراراحمد جعفر چيو آهي ته تعليم کان بغير اسان ترقي نٿا ڪري سگهون

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،نواب شاھ

dc meeting edu officers
ضلعي جي سمورن اسڪولن ۾ سهولتون فراهم ڪيون وينديون.ڊپٽي ڪمشنر ابراراحمد جعفر

ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ابراراحمد جعفر چيو آهي ته تعليم کان بغير اسان ترقي نٿا ڪري سگهون ان لاءِ تعليم جي معيار تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي ۽ ضلعي جي سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ سهولتون جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ درٻارهال ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن ريفارم اوورسائيٽ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته هن اجلاس جو مقصد آهي ته ضلعي جا بند پيل اسڪول کولرائڻ، اسڪولن ۾ فنڊن کي صحيح استعمال ڪرڻ، آن لائين داخلا،اسڪولن ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ کان علاوه ڊيوٽي دوران غفلت جو مظاهرو ڪرڻ وارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ آهي هن تعليم کاتي جي آفيسرن تي زور ڀريو ته هو ضلعي ۾ بند پيل اسڪولن جي نشاندهي ڪن ته جئين انهن اسڪولن کي کولرائڻ سان گڏوگڏ اسڪولن ۾ بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن ڊپٽي ڪمشنراسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايتون ڪندي چيو ته هو پنهنجي پنهنجي تعلقن ۾ موجود اسڪولن جا دورا ڪن جيڪي اسڪولن ۾ مسئلا آهن انهن جي باري ۾ آگاھ ڪيو وڃي هن چيو ته جن اسڪولن ۾ واش روم، پئيڻ جي پاڻي سميت ٻين سهولتن جي کوٽ آهي انهن کي پورو ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ايجوڪيشن ورڪس ايند سروسز جي آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته ايجوڪيشن کاتي ۾ جيڪي به ترقياتي اسڪيمون هلي رهيون آهن اهي تمام جلد مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنروسيم حامد، اسسٽنٽ ڪمشنر دوڙ سيدجهانگير علي اسسٽنٽ ڪمشنر نواب شاھ نبيل رياض،اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي،ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر غلام علي برهماڻي،دين محمد پٺاڻ،چيف مانيٽرنگ آفيسر عبدالله ڏاهري ۽ ٻين واسطيدار عملدارن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button