رانديون

آل پاڪستان شوٽنگ والي بال جو سيمي فائنل عمر ڪوٽ ۾ منعقد ٿيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،عمرڪوٽ
Sports Picآل پاڪستان شوٽنگ والي بال مرحوم ڊاڪٽر علي محمد ورياماڻي ٽورنامينٽ جو سيمي فائنل العثمان ڪلب لاھور ۽ عباس جھنگ جي وچ ۾ مقابلو ٿيو جيڪو العثمان لاھور ڪلب کٽيو ٻيو سيمي فائنل سروري ڪلب حيدرآباد ۽ العثمان ڪلب اوڪاڙا جي وچ ۾ مقابلو ٿيو جيڪو اوڪاڙا ڪلب کٽيو فائنل العثمان ڪلب لاهور زبردست مقابلي کانپوءِ العثمان اوڪاڙا ڪلب کي آخري رائونڊ ۾ شڪست ڏئي فائنل کٽي ورتو، اسڪور پوائنٽن کان فتح حاصل ڪئي، هن ٽورنامينٽ ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان جي مشهور ٽيمن حصو ورتو، هن موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين ميونسپل ڪميٽي حاجي خالد سراج سومرو چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ راندين جي فروغ ۽ رانديگرن جي حوصله افزائي لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ اسپورٽس ڪامپليڪس جو قيام پيپلز پارٽي حڪومت پاران عمرڪوٽ جي عوام لاءِ هڪ وڏو تحفو آهي ۽ پوري سنڌ ۾ اسپورٽس ڪامپليڪس ۽ راندين جي گرائونڊن جي تعمير جو عمل پڻ جلد شروع ڪيو ويندو ته جيئن صوبي ۾ عالمي، قومي ۽ مقامي راندين کي فروغ ملي سگھي ۽ هتان جا شهري راندين ۾ حصو وٺي صوبي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪن،هن چيو ته سنڌ ۽ ضلعي عمرڪوٽ جي نوجوانن ۾ تمام گھڻو ٽيلنٽ موجود آهي، هن موقعي تي تقريب سان خطاب ڪندي ٽورنامينٽ سيڪريٽري محمد اسماعيل ڪنڀار چيف آرگنائيزر حاجي ابراهيم ڪنڀار چيو ته امراڻي جي ديس ۾ اهو ٽورناميٽ ڪرائڻ تي اسان کي بي حد خوشي ٿي آهي اهڙا ايونٽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ ٿيڻ گهرجن جنهن سان هٿي جي نوجوانن کي راندين ۾ حصو وٺڻ جو شوق ۽ پنهنجو ٽيلنٽ ڏيکارڻ جو موقعو ملندو، هن وڌيڪ چيو ته اسان سڀني ٽيمن جا شڪر گزار آهيون ته سڄي ملڪ جون ٽيمون ضلعي عمرڪوٽ ۾ پنهنجو ٽيلنٽ ڏيکاريو، هن موقعي تي چيئرمين خالد سراج سومرو طرفان ٽورنامينٽ ڪميٽي کي ڏيڊ لک روپيا ڏنا ويا جڏهن ته کٽندڙ ٽيم لاهور ڪلب کي ونر ٽرافي ۽ 30 هزار روپيه انعام ٻيا هزارين روپيا ڪيش پڻ ڏنا ويا ۽ رٽر ٽيم اوڪاڙو ڪلب کي رنر ٽرافي ۽ ڪيش انعام ڏنا ويا.جڏهن ته سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر شير محمد وساڻ طرفان 25 هزار جا نقد ڏنا ويا، هن موقعي تي رحمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي طرفان خالد سراج سومرو اعزازي مهمان شير محمد وساڻ ڊاڪٽر محمد شريف ورياماڻي، شير محمد وساڻ ٽورنامينٽ سيڪريٽري محمد اسماعيل ڪنڀار چيف آرگنائيزر حاجي ابراهيم ڪنڀار،ايڊووڪيٽ جاويد علي ڪنڀر ۽ ورڪر جاويد ڪنڀر ۽ ٻين کي شيلڊون ڏنيون ويون

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button