اسلام آباد

راڻا ثناءُ الله جا فواد چوڌري تي الزام درست، حامد خان تصديق ڪري ڇڏي

انڊس نيوز ويب ڊيسڪ

اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي حامد خان ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله طرفان فواد چوڌري تي الزامن تي تصديق ڪري ڇڏي آهي. پنجاب جي اڳوڻي صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله وفاقي وزير فواد چوڌري تي الزام مڙهيو هو ته جڏهن فواد چوڌري جو چاچو لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هو ته هو ماڻهن کان پئسا وٺي فيصلا ڪرائيندو هو. راڻا ثناءُ الله جي الزامن جي تصديق ڪندي حامد خان چيو ته پنهنجي ڪتاب ۾ جسٽس افتخار حسين جنهن ڀائٽي جو ذڪر ڪيو هو، اهو فواد چوڌري ئي هو. تحريڪ انصاف اڳواڻ وڌيڪ چيو ته جسٽس افتخار حسين جي دور ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وڏي ڪرپشن هئي.

وڌيڪ ڏيکاريو