ھنڱورجا

ھنڱورجا پوليس جو مبينا پوليس مقابلي ۾ ھڪ ڏوھاري ياسين ڦلپوٽو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا

عبدالجبار چانگ, ھنڱورجا

گرفتار ڪيل ڏوھاري وٽان ھڪ رپيٽر 10 ڪارتوس ھٿ ڪيا ويا آھن. ھنڱورجا پوليس موجب ڏوھاري ڏوھ جي ارادي سان قومي شاھراھ تي حسن کجاني قبرستان سامھون بيٺل ھيا تہ مقابلو ٿيو جنھن جي نتيجي م ھڪ ڏوھاري ياسين ڦلپوٽو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏنھن چار ڏوھاري فرار ٿي ويا پوليس ٻڌايو گرفتار ڪيل ڏوھاري وٽان ھڪ رپيٽر 10 ڪارتوس ھٿ کيا ويا آھن ياسين ڦلپوٽو وڏو ڏوھاري آھي سندس جي مٿان مختلف ٿاڻن تي چورين ڦرن ڌارن جا ڪيترا ئي ڪيس داخل آھن زخمي ڏوھاري کي علاج جي لاء ھنڱورجا اسپتال بعد خيرپور منتقل ڪيو ويو آھي

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو