آرٽيڪل
ٽرينڊ ڪندي

سنڌي نوجوانن جا اهم مسئلا

منصور احمد جمالي.

هيومن ڊولپمينٽ ريسرچ فائونڊيشن اسلام آباد

پاڪستان جي آبادي جو اڌ کان وڌيڪ حصو نوجوانن تي مشتمل آهي. اندازي موجب 103 ملين جو 63 سيڪڙو 25 سال ۽ ان کان گهٽ عمر جي

منصور احمد جمالي

نوجوانن جو آهي. غربت سبب اڪثر ٻار پهنجي ٻالڪپڻ ۾ ئي ڪم ڪار تي لڳي وڃن ٿا. سنڌ جو نوجوان بـ تمام گهڻن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جو نوجوان تعليمي ميدان ۾ پڻ تمام گهڻو پوئتي آهي. جتي نوجوان ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا اتي سنڌي نوجوان معاشري ۾ پنهنجي سڃاڻپ نـ ٺاهي سگهڻ،  احساس ڪمتري، نااميدي، پريشاني، ۽ مستقبل جي فڪر ۾ وڪوڙيل هجڻ ڪري معاشري ۾ ڪو خاص اهم ڪردار ادا نـ ڪري رهيو آهي. انسان جڏهن پهنجي بنيادي ضرورتن جي فڪر کان ٻاهر نڪري ٿو تـ پوء ئي هو ٻين لاء ڪجه ڪري سگهي ٿو. اڄ سنڌ جو نوجوان شديد مايوسي جو شڪار آهي. جنهن جي ڪري سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بحرانن جو شڪار آهي. اڪثر سنڌي نوجوان پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوء سرڪاري نوڪري جي چڪر ۾ پهنجي اڌ عمر وڃايو ڇڏين. سنڌ جي نوجوانن ڪي هاڻي پرائيويٽ سيڪٽر کي فوڪس ڪرڻو پوندو. سنڌي نوجوانن کي ڪاروبار طرف بـ سوچڻ گهرجي. تمام گهڻيون مائڪرو فئنانس بينڪون ننڍا ننڍا قرض ڏين ٿيون جن سان ڪافي سٺا ننڍا ننڍا ڪاروبار شروع ڪري سگهجن ٿا.

سنڌي نوجوانن کي ٻاهر ملڪ نڪرڻ تي بـ غور ڪرڻ گهرجي. منهنجو تعلق اسلام آباد جي هڪ ريسرچ جي اداري سان آهي. هتان جي ماڻهن ۾ اهو تاثر عام آهي تـ سنڌ جو ماڻهو ٻاهر نـ ٿو نڪري سگهي ۽ ڇو تـ هو گهر کان ٻاهر ڪنهن ٻي شهر نڪري ٿو تـ پاڻ کي پرديس ۾ سجمهڻ ٿو شروع ڪري. ان ڪري سنڌي نوجوانن کي ملڪ جي مختلف شهرن کان علاوه ٻاهر نڪرڻ لاء بـ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. سياڻا چوندا آهن تـ هجرت ۾ برڪت آهي. ان جو مثال هيئن ڏيندا آهن تـ حضور پاڪ بـ جيترو عرصو مڪي ۾ رهيا تـ پهنجن جي ئي غضب جو نشانو بڻبا رهيا پر جڏهن مديني هجرت ڪيائون تـ پوري دنيا تي اسلام جو غلبو آندائون. ان ڪري سنڌي نوجوانن کي بـ ترقي ڪرڻ لاء هجرت تي غور ڪرڻ گهرجي.

سنڌ جي نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پڻ پهنجون صلاحيتون وڌائڻ گهرجن. اڄ ڪله فري لانسنگ جو دور آهي. آن لائن ڪمن جي ذريعي تمام گهڻا ڪم ڪري پيسا ڪمائي سگهجن ٿا. ان ڪري سنڌي نوجوانن کي ان فيلڊ ۾ پڻ قدم ڄمائڻ گهرجن.

 

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو