آرٽيڪل

100 ڏينهن واري پلان کان پوءِ نئي پلان ۾ دير ڇو ؟

جن ماڻهن کي 100 ڏينهن وارو پلان سمجھ ۾ نه آيو آهي اهي 100 ڏينهن واري پلان کي 100 ڪوڙن ۽ 100 يوٽرنن سان ڀيٽي رهيا آهن .

تحرير ربنواز راز ڄامڙو

حڪومت اچڻ سان پنهنجي حڪومت سازي واري طريقي ۽ عوام جي امنگن تي پوري لهڻ لاءِ هڪ لاحيه عمل جوڙي جنهن کي “ 100 ڏينهن واري پلان ” جو نالو ڏنو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ وزيراعظم عمران کي توڙي جو ڇتي تنقيد کي منهن ڏيڻو پجي رهيو آه پر پوءِ به وزير اعظم عمران خان پنهنجي پير Imran Khan PTIتي قائم آهي 100 ڏينهن وارو پلان پيڙھ جو پٿر هو جنهن تي حڪومت پنهنجي سٺي حڪمراني جي پيڙھ وارو پٿر رکي ڇڏيو آهي . هاڻي انهي تحت اڳتي قدم کنيا ويندا اها به سٺي راءِ آهي پر جن ماڻهن کي 100 ڏينهن وارو پلان سمجھ ۾ نه آيو آهي اهي 100 ڏينهن واري پلان کي 100 ڪوڙن ۽ 100 يوٽرنن سان ڀيٽي رهيا آهن . ان ڏس ۾ وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته يوٽرن وٺڻ سٺو سنوڻ آهي بهترين اڳواڻ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ يوٽرن وٺندا آهن پر اهي ڪڏهن مقصد تي ڪا به سودي بازي ناهن ڪندا  واقعين ي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ رستا تبديل ڪري سگھجن ٿا پر منزل مقصود تي پهچڻ لازمي هوندو آهي جيڪو حاصل ڪرڻ لاءِ زيراعظم عمران يوٽرن وٺي تيل ڊگھا رستا ڇڏي سارٽ ڪٽ گس پيچرا ڳولي جلد مقصد تائين پهچڻ لاءِ اڄ به پر اميد آهي . ان لاءِ منهنجي ننڍڙي راءِ آهي اگر ڏئي سگھان ۽ وري اها راءِ قبول ڪئي وڃي ته هاڻي 100 ڏينهن واري پلان  ۾ حڪومت ، رياست ۽ حڪومت جو ڪپتان 100 ڏينهن واري پلان ۾ ڪابينا جي ميمبرن جي ڪاڪردگي چڪاس ڪري پيو ۽ جنهن ميمبر جي ڪارڪردگي تسلي بخش نه هوندي ته ان کي تبديل ڪري سگھجي ٿو . ٺيڪ درست رخ نڪري  آيو آهي هاڻي جڏهن حڪومت 100 ڏينهن واري پلان ۾ ڪاميابي جون دعوائون ڪري رهي آهي ۽ جيڪي حڪومت جا مخالف حريف آپوزيشن ڌر وارا حڪومت جي ڪاميابي کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن  هاڻي ان ڪاميابي جي مڇتا مڃرائڻ لاءِ حڪومت کي ڇا ڪرڻ گھرجي ان ڏس ۾ اهو لکندي ڪو به واڌارو نه پيو سمجھان ته هڪ ته ڪاميابي جي ڪو نشان علامت ، شڪل ، صورت  يا ڪو وڏو جسم ته ناهي جو هٿ ۾ کڻي وڏي مٿانهين لمبي اسٽيج هٿ ۾ کڻي ڏيکاري سگھجي پر لفظن جي ذريعي اها ڪاميابي ۽ فرق ٻڌائي ڪري بيان ڪري سگھجي ٿي جيڪڏهن وزير اعظم عمران خان 100 ڏينهن کان گٽ مدت وارو پلان نٿو جوڙي ۽ اهي حدف جيڪي 100 ڏينهن واري ۾ نذديڪ ٿي ويا آهن اهي جلدي حاصل ڪري وزيراعظم فخر سان وڏي واڪي ، بلد آواز ۾ قوم کي ٻڌائي سگھي جيڪڏهن 100 ڏينهن واري پلان جيان ننڍڙو ۽ 100 کان گھٽ ڏينهن وارو پلان نه جوڙيو ويو ته سمجھو ويندو ته 100 ڏينهن وارو پلان ناڪام ويو آهي جيڪا آپوزيشن وارا دعوا ڪن پيا اها سچي آهي . 100 ڏينهن واري پلان دوران ٻه ڀيرا ڊالر مهانگو ٿيو جڏهن ڊالر اڙان ڪري 146 تي پهتو وري جڏهن 139 تي لينڊنگ ڪري چڪو آهي ان تي به وزير اعظم حيرانگي طاهر ڪري رهيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ بغير اطلاع ڏيڻ جي دالر جي ملھ ۾ واڌ ڪي مون کي اها خبر تڏهن پئي جڏهن اخبارن ۾ خبر سايع ٿي چڪي هئي هاڻي اڳتي ائين به نه ٿيندو اسٽيٽ بينڪ وزير اعظم کي آگاھ ڪرڻ بعد ئي ڊالر جو ملھ وڌائيندي سندس چوڻ هو اڳين حڪومت جي کنيل کڏن جي ڪري قوم مهانگائي دلدل ۾ ڦاٿل آهي . واقعين اڳين حڪومتن جو بنياد قرض وٺي حڪومت هلائڻ هو ۽ هٿرادو طريقن سان ڊالر جي ملھ تي ڪنٽرول ڪيو ويندو هو هاڻي حڪومت اهڙا قدم کڻي رهي آهي جن سان ڊالر جو ملھ ڪنٽرول ۾ اچي ويندو پر ان لاءِ به پلان جو هجڻ  ضروري آهي هڪ استاد ليسن پلان جوڙي تدريسي عمل هلائيندو آهي اهو پنهنجو حدف مقرر ڪيل وق تي وري وٺندو آهي ٻيو استاد بنا پلاننگ جي تدريسي عمل جاري رکندو اهو مقرر قت اندر پنهنجا حدف حاصل ناهي ڪري سگھندو. جيڪڏهن وزير اعظم عمران 60 ڏينهن واري مدت جو پلان پيش ڪري ۽ ان جا نتيجا  100 ڏينهن واري پلان سان ڀيٽ ڪري فرق معلوم ڪيو ويندو ايندڙ جيڪو 30 ڏينهن وارو آخري ۽ فيصلائتو پلان پيش ڪيو ويندو ته ڪنهن کي به نه تنقيد ڪرڻ جو وجھ ملند ۽ نه ئي وري ڪنهن ۾ تنقيد ڪرڻ جو دم هوندو . ان ڪري بهتر پيو سمجھان ته وزير اعظم عمران خان کي 100 ڏينهن واري پلان تي بيهڻ نه گھرجي اڳتي به ننڍڙو مختصر ڏينهن وارووپالن پيش ڪرڻ لازمي آهي سندس حڪومت هلائڻ وارو طريقيڪار مختلف لڳي رهيو ائين ڪڏهن به ڪنهن شخصيت پاڪستان جي تاريخ ۾ ائين ناهي ڪيو جيڪو وزيراعظم عمران ڪري رهيو آهي . ڪرپشن جي الزامن ۾ پڪڙيل ن ليگ اڳوڻو صدر نواز شريف ۽ سندس جماعت خاموش آهي پر  پ پ جو شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري  حڪومت حڪومت جو پاور سگھ چڪاس ڪرڻ لاءِ نوان ڊز ڏئي رهيو آهي سندس خيال سندس خيال جي عڪاسي ٻڌائي پئي ته   غير سنجيده وزيراعظم ملڪ نه سنڀالي سگهندو، حڪومت کي خطرو هوندو ته اهي سپورٽ ڪندا جن کيس آندو آهي. عمران خان ته انتقامي ڪارروائي ڪري رهيو آهي،  وزيراعظم مخالف ڌر کي جيلن ۾ وجهڻ جي ڳالهه ڪئي، اسان ۾ جيل وڃڻ جو صبر به آهي ۽ حوصلو به آهي، ڇا عمران خان جيل جون سختيون برداشت ڪري سگهي ٿو.  جيستائين جان ۾ جان آهي، اهي جنگيون هلنديون رهنديون، پهريون به بي بي کي تنگ ڪرڻ لاءِ مون کي قيدي بڻايو ويو، اسان جي همت آزمايو، اسان سندن ظلم آزمائينداسين. ميان صاحب احتساب جو قانون منهنجي لاءِ ٺاهيو ۽ کيس ڳچيءَ ۾ پئجي ويو.  ملڪي حالتون ڳنڀير آهن،پ پ آئين کي اصلي حالت ۾ بحال ڪيو، هو چون ٿا ته ارڙهين ترميم ۾ ڪجهه شقون ڪمزور آهن، هو ڪمزور شقن جو بهانو ڪري 18 هين ترميم کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا. حڪومت غير سنجيده آهي، سياسي اپروچ ناهي، 100 سال پراڻي گورنر هائوس جي ڀت  ٽوڙڻ جي پاليسي سندن پاليسي آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان مون کي جيل ۾ موڪليو ته کيس ايندڙ وزيراعظم جيل حوالي ڪندو. هڪ پاسي اهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن جن وقت کان يقين ڪرڻ يا ڀروسو ڪري ويهي رهڻ کان بهتر آهي ته هيڏي هوڏي ڌيان ڇڪائڻ بدران پهريان سمورو ڌيان پاڻ تي ڏجي اسان جو ڪابل احترام آصف علي زرداري پارٽي کي سگھارو بڻائڻ لاءِ اڳتي پاڻ نڪري اچي ۽  وزير اعظم عمران خان 100 ڏينهن مڪمل ٿيل پلان کي اڳتي وڌائي  وڌ ۾ وڌ 60 ڏينهن وارو پلان پيش ڪري جيئن حڪومت جي ڪاڪردگي بهتر ٿي سگھي آخر ائين به ٿيڻ کپي ته روزانو بنيادن تي حڪومت جي ڪاڪردگي چڪاس ڪئي وڃي اهي ڏينهن به اچڻ وارا آهن .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button