اسلام آباد

ڪرپشن جي نظام سان ملڪ جي ترقي ممڪن نه آهي:وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم فيصلو ڪري ته ڪرپشن جو نظام هلڻ ڏيڻو آهي جيڪڏهن اهو نظام برقرار رهيو ته ملڪ جي ترقي ممڪن نه آهي منهنجو ڪنهن سان ذاتي جهيڙو ناهي

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم فيصلو ڪري ته ڪرپشن جو نظام هلڻ ڏيڻو آهي جيڪڏهن اهو نظام برقرار رهيو ته ملڪ جي ترقي ممڪن نه آهي منهنجو ڪنهن سان ذاتي جهيڙو ناهي، ڪرپشن خلاف جنگ ملڪ جي مستقبل جي لاءِ ضروري آهي، نيب جيڪڏهن منهنجي ماتحت هجي ها ته وڏا وڏا پنجاهه ڪرپٽ ماڻهو اڄ جيلن ۾ هجن ها، وڏن ماڻهن کي جهلينداسين ته هيٺيان پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندا، جهڙي سطح تي ڪرپشن ٿي آهي اهي سڀئي شيون سامهون اچي رهيون آهن پر جيستائين ڪيس تيار نه ٿيندو انهن ۾ هٿ وجهي نٿا سگهون. وزيراعظم عمران خان اينڪر پرسنز ۽ سينئر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سينسرشپ خراب شيءِ آهي، ڳالهين کي اهو لڪائيندو آهي جنهن کي خوف هوندو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button