اسلام آباد

چيف جسٽس سنڌ جي وڏي وزير جو نالو اي سي ايل ۾ وجھڻ تي ڏمرجي پيو

انڊس نيوز ويب ڊيسڪ، اسلام آباد
سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل بئنچ ميگا مني لانڊرنگ اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران چيف جسٽس سنڌ جي وڏي وزير جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته ڇا اهڙي طريقي سان اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪيا ويندا آهن، حيرت آهي ملڪ جي ٻئي وڏي صوبي جي موجوده وڏي وزير جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو. ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته 172 ماڻهن سان گڏ پنهنجي وڏي وزير جو نالو به اي سي ايل ۾ شامل ڪريو، سڀ کان پهرين پنجاب جي وڏي وزير عثمان بُزدار جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري ٿا ڇڏيون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا مراد علي شاهه وڏ وزارت ڇڏي ڀڄي وڃي ها؟ ڇا مراد علي شاهه جو اي سي ايل ۾ نالو انهي موقف سان شامل ڪيو ويو آهي؟ ٻڌڻيءَ دوران جي آءِ ٽي جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ چونڊيل نمائندن جي نااهليءَ واري ڳالهه ناهي ڪئي، ڪنهن جي نااهليءَ لاءِ سفارش ڪرڻ جي آءِ ٽي کي مليل مينڊيٽ ۾ نه آهي. جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ڪنهن کي گرفتار ڪرڻ جي حوالي سان به سفارش نه ڪئي وڳئي آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ واڳيل اختيارين جي ذميواري آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرڻ ڪنهن جي دماغ جو خلل ٿي سگهي ٿو، عدالت کي اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرڻ جي حوالي سان مڪمل رڪارڊ ڏنو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button