مختصر خبرون

پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين عوام کي سهولتون ڏيڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو آھي، حفيظ الرحمان ميمڻ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، چوهڙ جمال
چوهڙ جمالي ٽائون ڪاميٽي جيئرمين حفيظ الرحمان ميمڻ شھر چوهڙ جمالي ۾ ٿيل ترقياتي ڪمن بابت صحافين کي بريفينگ ڏيندي ٻڌايو ته چوهڙ جمالي ٽائون ڪاميٽي جي ست وارڊن ۾ 2 ڪروڙ 32 لک روپين جا پيور بلاڪ ۽ سي سي ڊرينيج جا ترقياتي ڪم ڪرايا آھن جن مان ڪجھ ڪم هلندڙ آھن جيڪي جلد مڪمل ڪرايا ويندا ، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ڪنهن به ٽائون ڪاميٽي ۾ ايندڙ رقم بچيل ڪونه هوندي پر چوهڙ جمالي ٽائون ڪاميٽي جي اڪائونٽ ۾ 3 ڪروڙ 50 لک روپيا پيا آھن اهو پئسو عوام جي امانت آھي جنهن کي عوام تي ئي خرچ ڪيو ويندو ، چوهڙ جمالي ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ هڪ کان ستين وارڊ سميت شھر جي مک روڊ علي باڪري جي پڙي کان ستاواھ موري تائين 70 لک روپين جي لاڳت سان پيور بلاڪ جو روڊ ٺھرايو ورو آھي انشاالله رهجي ويل ڪمن کي تمام جلد مڪمل ڪرايو ويندو ته جيئن چوهڙ جمالي ٽائون ڪاميٽي سنڌ جي هڪ مثالي ٽائون ثابت ٿئي ، هن چيو ته مون پنهنجي وارڊ نمبر 7 کي نظر انداز ڪري غريب آبادي واري وارڊن وارڊ 1 ۽ 4 ۾ ترقياتي ڪمن کي ترجيح ڏني آھي ، جتي زياده ڪم ڪرايا ويا آھن ، پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين عوام کي سهولتون ڏيڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو آھي شھر ۾ پنهنجي وس آھر ترقياتي ڪم ڪرائي مثال قائم ڪيو ويندو ، ان موقعي تي پي پي پي تعلقي شاهبندر جو اڳواڻ جاويد اقبال ميمڻ ، سني تحريڪ جو اڳواڻ مولوي منظور قادري ، سيد عباس شاھ ، ارسلان ميمڻ ، شاھ حسين شيخ ، صديق ميمڻ نوراني ، ڪائونسلر اسحاق سسيو ، ڪائونسلر دين محمد ملاح ۽ ٻيا پڻ موجود هئا .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button