مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور ميرس ۾ پوسٽر ڪامپيٽيشن ٿي گذريو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
Mehran Uni Khp 1مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور جي آفيس آف ريسيرچ انوويشن اينڊ ڪمرشلائيزيشن (اورڪ) پاران پهريون قومي پوسٽر ڪامپيٽيشن منعقد ڪيو ويو. مقابلي ۾ مجموعي طور تي 70 پوسٽر پيش ڪيا ويا جڏهن ته مختلف ملڪي ادارن جي 260 کان مٿي شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. مقابلي منعقد ڪرڻ جو مقصد شاگردن کي تحقيق جي طرف مائل ڪرڻ ۽ انهن کي ٻين ادارن ۾ ٿيندڙ تحقيق مان مستفيد ٿيڻ جو موقعو ڏيڻ هيو. ان سان گڏوگڏ مختلف ادارن جي سربراهن ۽ سينئر پروفيسرن پوسٽر پيش ڪندڙ شاگردن جي همت افزائي سان گڏ پيش ڪيل منصوبن ۾ بهتري جون صلاحون ۽ انهن منصوبن کي اڳتي ريسيرچ پيپر ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ مفيد مشورا پڻ ڏنا. اورڪ پاران پنهنجي نوعيت جي پهرئين مقابلي جو افتتاح ڪيمپس جي پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مختيار علي انڙ ڪيو، انهن فردن فردن تمام پوسٽرن جو دورو ڪيو ۽ شاگردن کان انهن بابت معلومات پڻ حاصل ڪئي. ان موقعي تي شاگردن کي مخاطب ٿيندي ڪيمپس جي پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مختيار علي انڙ چيو ته هي ڪيمپس نه صرف پنهنجي شاگردن پر ٻين ادارن جي شاگردن کي پڻ تحقيق جا بهترين موقعا فراهم ڪري رهيو آهي، اڄ جي مقابلي ۾ شريڪ شاگردن پاران پيش ڪيل تحقيقي منصوبا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته سنڌ ۾ ٽيلنٽ جي ڪمي ناهي صرف رهنمائي ڪرڻ ۽ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي دور تحقيق ۽ نواڻ جو دور آهي قديمي طريقا مدي خارج ٿي چڪا آهن، مان انتهائي پُراميد آهيان ته سنڌ جو محقق دنيا ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو انشاالله. مقابلي ۾ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور جي طيبه زهره ۽ محمد باسط جي ٽيم پهرين ۽ اسد علي، قدير ميمڻ، مظهر علي ۽ بلال جي ٽيم ٽين پوزيشن حاصل ڪئي جڏهن ته قائدِ عوام يونيرسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي نوابشاه جي دليپ ڪمار، نعمان لغاري ۽ ڌڻڪ وڪرانت جي ٽيم ٻي پوزيشن ماڻي. پهرين، ٻي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙن کي ترتيبوار ڏه هزار، ست هزار ۽ پنج هزار روڪ، شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽن سان نوازيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button