آرٽيڪل

ثابت ٿي ويو ته پارليامينٽ سپريم آهي

شير محمد سولنگي

Sher Muhammad Solangi
شير محمد سولنگي
جن ادارن ۾ اسان جي ملڪ جا چونڊيل نمائيندا ويهندا آهن انهن مقدس ادارن جو تقدس وڃائڻ وارا به ڪي ٻيا ناهن جڏهن ايوانن ۾ ويهي قانون پاس ڪرڻ وارا جڏهن ايوان کان ٻاهر آهن انهن جي زبان مان نازيبا الفاظ پارليامينٽ جي خلاف نڪري رهي آهن جيڪا هڪ خراب روايت پئجي رهي آهي اگر ڪو فرد يا پارليامينٽ جو ليڊر يا ان جي ساک خراب آهي ته ان کي نشانو بڻائڻ گھرجي . پارليامينٽ مان جيڪو قانون پاس ٿي رهيو آهي ان تي عمل ڪرڻ لاءِ ادارا تيار نه ڇاڪاڻ ته هر هڪ اداري ۾ سياسي پارٽين جي اڳواڻن ڪي پوسٽ تي من پسند ماڻهن کي ويهاري ڇڏيو آهي جيڪي انهن جي مرضي ۽ منشا مطابق ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ائين ٿيندو ته پو مجبورن سپريم ڪورٽ ئي ڪو قدم کڻندي اها ڳالھ نروار آهي ته پارليامينٽ هڪ مقدس ايوان آهي جنهن جو ڀرم رکڻ هر هڪ چونڊيل نمائيندي اهم ذميواري آهي عمران خان پارليامينٽ کان ٻاهر جيڪي لفظ پارليامينٽ جي لاءِ چيا سي کيس نه چوڻ گھرجن هان توڙي جو ايوان ۾ ويٺل سياسي سرڪردا گناهن سان ڀيل آهن تنهن هوندي پاليامينٽ سپريم ادارو آهي جيڪو ادارو قانون پاس ڪري ان اداري کي نشانو نه بڻائڻ گھرجي اها ڳالھ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار ڪئي آهي ته اسان پارليامينٽ جي عزت ڪيون ٿا، ڪير ڀلي ڇا به چوي پر اسان لاءِ پارليامينٽ ئي سپريم ادارو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ ڪٽاس راج مندر پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. لاڳاپيل انتظاميه طرفان ڪٽاس راج تلاءُ کي 8 فوٽ کان وڌيڪ ڀرڻ جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته تلاءُ مسلسل ڀريل رهڻ گهرجي، سک ۽ عيسائي برادري جي مسئلن کي حل ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان پارليامينٽ جي عزت ڪريون ٿا، ڪير ڀلي ڇا به چوي پر اسان لاءِ پارليامينٽ سپريم ادارو آهي. عدالت ٻڌڻي دوران متروڪه وقف املاڪ جي چيئرمين صديق الفاروق جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس چيو ته صديق الفاروق کي هر پيشي تي حاضري لاءِ چيو هو پر هو ڇو نه آيو آهي. هن چيو ته منهنجي هٿان چيئرمين کي ڪجهه ٿي نه وڃي، خدا جو واسطو آهي متروڪه وقف ملڪيت جو نقصان نه ڪيو وڃي، ڇو نه عدالت متروڪه وقف ملڪيتن جو انتظام سنڀالي. چيف جسٽس چيو ته اسان کي هتي ويهي اکيون کليل رکڻيون پونديون آهن، سياسي من مستيءَ جو خاتمو ڪيو ويندو، جتي ادارا ڪجهه نه ڪندا اتي اسان ڪنداسين، پوءِ اختيار اورانگهن جي شڪايت نه ڪئي وڃي. چيف جسٽس متروڪه وقف ملڪيت ۽ آمدني جا تفصيل طلب ڪندي رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن تفصيل سامهون نه آيا ته پوءِ صديق الفاروق کي هليو وڃڻ گهرجي، ان عهدي تي ويٺل شخص کي قانوني شيون به ڏسڻيون هونديون آهن پر پارٽي سيڪريٽريٽ ۾ اخبارون گڏ ڪندڙ شخص کي اهم عهدو ڏنو ويو آهي، صديق الفاروق جي اهليت 30 سالن جون سياسي خدمتون آهن، ايندڙ ٻڌڻي تي صديق الفاروق کان قانوني نقطي تي پيرا گراف لکائيندس. سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 15 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.عمران خان جي نا زيبا زبان جي استعمال ڪرڻ تي سندس خلاف مذمتي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو . ايوان اندر مخالف ڌر جي چونڊيل نمائيندن پنهنجي اندر جي باھ هلڪي ڪندي عمران تي تنقيد جا تير وسايا . قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ هو ته پارليامينٽ لاءِ جيڪي لفظ استعمال ٿي رهيا آهن ۽ جنهن به ڪيا اُهي تڪليف ڏيندڙ آهن، جڏهن ته سياستدان اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن ته انهن کي اسيمبلين ۾ ٻيهر اچي حلف کڻڻو پوندو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ هو ته اسان انهيءَ پارليامينٽ جي حفاظت جو قسم کنيو آهي، پارليامينٽ لاءِ جيڪي لفظ استعمال ٿيا ۽ جنهن به ڪيا اهي تڪليف ڏيندڙ آهن، انهن لفظن تي افسوس به ٿيو ۽ ڏک به ٿيو، اسان پاڻ حلف کڻندا آهيون ۽ ٽوڙيندا به پاڻ آهيون. جيڪي سياستدان اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن انهن کي اسيمبلين ۾ ٻيهر اچي حلف کڻڻو پوندو. اياز صادق جو چوڻ هو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته پارليامينٽ جي عزت ڪريون، اهو مناسب ناهي ته ٻاهر جيڪي ڳالهيون ٿين انهن تي ايڪشن وٺون، ايوان ۾ اها ڳالهه ٿئي ها ته شايد ٻي طرح ڏسون ها، پارليامينٽ جي توهين اداري کي نقصان رسائڻ جي برابر آهي. جمهوريت کان سواءِ ڪو به سسٽم آيو ته اهو سڀني جي سامهون آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جمهوري سسٽم بهتر هيو يا ڪو ٻيو. هن چيو ته عمران خان پاران پارليامينٽ کي گٿا لفظ ڳالهائڻ جو معاملو ايوان کان ٻاهر جو آهي.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جي راءِ وزن واري آهي جنهن پارليامينٽ جي تقدس بحال رکڻ لاءِ خالي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسيمبلي جي بي عزتي ۽ گٿا لفظ استعمال ڪرڻ نهايت افسوس جوڳو عمل آهي. هر ميمبر کي سوچڻو آهي ته پارليامينٽ کي عزت ڏيڻي آهي يا نه ڏيڻي آهي. هن چيو ته اسان پارليامينٽ جي عزت ۽ حفاظت جو قسم کنيو آهي، هر اهو شخص جيڪو سياست يا اسيمبلي ۾ اچڻ چاهي ٿو تنهن کي اهو ئي قسم کڻڻو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويا ۽ جنهن به ڪيا تنهن تي کيس تمام گهڻو ڏک ۽ افسوس آهي. مون کي غير پارلياماني لفظن تي ڏک ۽ افسوس آهي. اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته پارليامينٽ جي عزت ڪرائي وڃي، هائوس ۾ ڳالهه ٿئي ها ته دفاع ڪيون ها، معاملو هائوس کان ٻاهر ٿيو آهي. جمهوريت ڇڏي ڪنهن ٻي پاسي وياسين ته ماڻهن جي راءِ تي راتاهو هوندو. اياز صادق چيو ته عوام جو حق آهي ته پنهنجي ليڊرشپ بابت فيصلو ڪري، جمهوريت کي بار بار پٽڙي تان لاٿو ويو ته عوام جي راءِ ڪڏهن سامهون ايندي. هن چيو ته اسان قسم به کڻون ٿا ۽ ٽوڙيون به پاڻ ٿا، اسان جي ذميواري آهي ته آئين تي کنيل قسم جي پاسداري ڪريون. جڏهن هر ڪنهن کي اها ڳالھ سمجھ ۾ اچي وڃي ته پوءِ ڪو به پارليامينٽ جي تقدس جا برقرار رکيل نه لتاڙيندو جيڪو ڪجھ ٿي ويو آهي اهو سڀ ڪجھ وساري هاڻي ايوان ۽ پارليا مينٽ کي مظبوط ڪرڻو پوندو بجاءِ جو ايوان تي لعنت جهڙا نا زيبا الفاظ استعمال ڪجن. ان کان بهتر آهي ته اهو نه وسارڻ گھرجي پارليامنٽ سپريم آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button