نوشهرو فيروز

نوشھروفيروز:پوليو مهم جي دوران پوليو ڪنهن به قسم جي غفلت ۽ ڪوتاهي کي برداشت نه ڪيو ويندو، ڊي سي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، نوشھروفيروز
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر محمد عثمان طاهر جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ 12 کان 15 فيبروري 2018 تائين چئن ڏينهن جي پوليو جي خاتمي بابت مهم جي انتظامن لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪميٽي روم ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پوليو مهم جي دوران پوليو ٽيمون بهتر ڪم ڪن ڪنهن به قسم جي غفلت ۽ ڪوتاهي کي برداشت نه ڪيو ويندو ۽ ڪوتاهي ڪندڙ ٽيمن جي خلاف سخت قانوني قدم کنيا ويندا. ان وڌيڪ چيو ته پوليو ٽيمن جي سخت نگراني ڪئي وڃي ته جئين ڪوبه ٻار ڦڙا پيئڻ کان رهجي نه وڃي. گزريل سال پوري ملڪ ۾ 8 پوليو جا ڪيس رجسٽر ٿيا آهن ان لاءِ اسان سڀني کي پوليو خلاف قومي مهم ۾ ڀرپور حصو وٺي ملک کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر مظهر علي ڪلهوڙو ۽ مهم جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر ساجن داس اجلاس کي ٻڌايو ته هن مهم دوران 5 سالن کان گهٽ عمر وارن 2 لک 94 هزار594 ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ 67 ٽيم سپورٽ سينٽر قائم ڪيا ويندا جڏهن ته 701 موبائل،67 فڪس پوائنٽس40، ٽرانزٽ پوائنٽن سميت ڪل 808 ٽيمون ترتيب ڏنيون ويون آهن. اجلاس ۾ اين اسٽاپ جي ڊاڪٽر ڊاڪٽر لبنيٰ گهانگهرو،سرويلنس آفيسر ڊاڪٽر شبير الحسنين پڻ بريفنگ ڏني،اجلاس ۾ پي پي ايڇ آئي سڀني تعقلن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ صحت کاتي جي تعلقي سپروائزن، يوسي ميڊيڪل آفيسرن،پاپوليشن ويلفيئر، سوشل ويلفيئر، رينجرز، پوليس جي آفيسرن ۽ سماجي ڀلائي وارين تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button