ٺٽو

مڪلي هڪ قبرستان ئي نه پر دفن ٿيل هزارين ماڻهن جي هڪ شاهوڪار تاريخ آهي، سيد مُراد علي شاه

CM Sindh
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ٺٽو
وزير اعليٰ سنڌ سيد مُراد علي شاه چيو آهي ته تاريخي ورثو مڪلي هڪ قبرستان ئي نه پر دفن ٿيل هزارين ماڻهن جي هڪ شاهوڪار تاريخ آهي ۽ مڪلي تي ٿيندڙ پهرين عالمي ڪانفرنس ۾ مڪلي جي تاريخي ورثي جي بهتري لاءِ ماهرن ۽ محققن کان جيڪي به شفارشون ملنديون انهن کي اپنائينداسين ۽ عملدرآمد پڻ ڪرائينداسين. هن چيو ته عالمي ورثي مڪلي کي درپيش خطرن کي دور ۽ مسئلن کي پڻ حل ڪيو ويندو. اهڙين ڳالهين جو اظهار اڄ هن مڪلي ۾ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي پاران منعقد ڪيل پهرين مڪلي عالمي ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سياحت، ثقافت ۽ نوادرات سيد سردار علي شاه، صوبائي وزير فشريز ۽ لائيواسٽاڪ محمد علي ملڪاڻي، سينيٽر سسئي پليجو، ايم پي اي رخسانه شاه، ايم پي اي سيد سردار احمد، اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جو سيڪريٽري حميد آخوند، ڊاڪٽر رفيق مغل، يونيسڪو جو نمائندو قاضي اياز مهيسر، ضلعي صدر پ پ صادق علي ميمڻ، جنرل سيڪريٽري پ پ ضلعو ٺٽو امتياز احمد قريشي، پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، ملڪي ۽ غير ملڪي تاريخدانن، محققن، آثار قديمه جي ماهرن، صحافين، اديبن ۽ دانشورن کان علاوه زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. وزير اعليٰ سنڌ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هو اڄ صوبائي وزير ثقافت، سياحت ۽ نوادرات سيد سردار علي شاه ۽ سندس ٽيم کي مڪلي تي ٿيندڙ پهرين عالمي ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. هن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جي تاريخي ماڳ ۽ مڪانن جي بهتري لاءِ ڪوشان آهي ۽ ان ڏس ۾ هو ڀرپور سهڪار ۽ مدد فراهم ڪندو. هن تقريب ۾ شريڪ ماڻهن تي مڪلي قبرستان جي تحفظ لاءِ زور ڀريندي چيو ته مڪلي جو تاريخي قبرستان اوهان جو پنهنجو سرمايو آهي ۽ حڪومت سنڌ سان ماڻهو سهڪار ڪري هن تاريخي ماڳ کي هٿي وٺرائين ۽ ٻاهرين ملڪن جي ماهرن ۽ ماڻهن سان ملي ڪري هن تاريخي ماڳ جي مالڪي ڪن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ٺٽي جي ماڻهن سان گڏ آهي ۽ هن عظيم تاريخي سرمائي جي سار سنڀال اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته سنڌ جي هر خطي جي ثقافت شاهوڪار آهي ۽ موهن جي دڙي جي تاريخ پڻ هڪ وڏي اهميت رکي ٿي. هن عوام تي زور ڀريو ته اسان سڀني کي سنڌ جي آثار قديمه کي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ رکڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گھرجن تي جيئن ايندڙ نسل اسان کي سُٺن لفظن ۾ ياد رکي. هن چيو ته پ پ جي اعليٰ قيادت ۽ سنڌ حڪومت عوام جي خدمت ۾ ڀرپور يقين رکي ٿي ان سلسلي ۾ تازو ئي سيهوڻ ۾ دل جي بيماري جو شاندار مرڪز جو افتتاح ڪيو ويو آهي ۽ ضلعي ٺٽي ۾ پڻ اهڙي قسم جي دل جي بيماري جي مرڪز جو سنگ بنياد رکيو ويندو. ان کان اڳ وڏي وزير سيد مُراد علي شاه پاران مڪلي تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جو باقائدي آغاز ڪري افتتاح ڪيو. ان موقع تي صوبائي وزير سياحت، ثقافت ۽ نوادرات سيد سردار علي شاه، سينيٽر سسئي پليجو ۽ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي پاران وزير اعليٰ سنڌ جو هيلي پيڊ تي استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي صوبائي وزير سياحت، ثقافت ۽ نوادرات سيد سردار علي شاه مهمانن کي ڀليڪار ڪندي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مڪلي قبرستان جي اهم ڳالهه هتي بادشاه ۽ عام ماڻهو گڏ دفن ٿيل آهن ۽ هتان جا ماڻهو زندگي کان وڌيڪ موت سان پيار ڪندا هئا ۽ پنهنجي زندگي ۾ ئي پنهنجي قبر ٺاهيندا هئا. هن چيو ته مڪلي انساني تاريخ جو عظيم عالمي ورثو آهي ۽ هن پاران يونيسڪو ۾ مڪلي بابت مضبوطي سان ڪيس پيش ڪيو ۽ مڪلي کي عالمي ورثي جي فهرست مان نڪرڻ کان بچايو. هن چيو ته هو يونيسڪو جي تعاون جو شڪر گذار آهي جنهن مڪلي کي ورلڊ هيريٽيج لسٽ ۾ برقرار رکيو. صوبائي وزير سياحت، ثقافت ۽ نوادرات وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ جي تاريخي ورثي، ماڳ مڪانن کي جوش ۽ جذبي سان محفوظ ڪنداسين ۽ مڪلي بابت يونيسڪو پاران رهيل سفارشن تي عملدرآمد ڪندي عالمي ورثي جي حيثيت ۾ بحال ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسان مڪلي جي بحالي، صفائي سٿرائي، سياحن لاءِ شٽلز سميت ٻيون ضروري سهولتون مهيا ڪري رهيا آهيون ته جيئن هتي ايندڙ ملڪي توڙي غير ملڪي سياح لطف اندوز ٿي سگھن. ان موقعي تي سينيٽر سسئي پليجو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته 18هين ترمين بعد ڪيترائي کاتا صوبن ڏانهن منتقل ٿيا جنهن تحت آرڪيالاجي کاتي ۾ سنڌ کي 29 ميوزم ۽ ٻيا تاريخي ماڳ ۽ مڪان ورثي ۾ مليا پر بدقسمتي سان فنڊز جي کوٽ جي ڪري تاريخي ماڳ مڪان بدحالي جو شڪار هئا جن کي موجوده صوبائي حڪومت ڌيان ڏيندي بهتر بنايو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي محدود وسيلن سان تاريخي ماڳن جي بحالي جو ڪم بهتر ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته مڪلي تي سياحت، ثقافت ۽ نوادرات کاتي پاران عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ هڪ مثبت ۽ ڪاميابي ڏانهن پهريون قدم آهي جنهن تي هو صوبائي وزير سياحت، ثقافت ۽ نوادرات ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. پهرين ڏينهن جي پهرين سيشن جي پڄاڻي تي شريڪ مهمانن کي مڪلي قبرستان بابت وسعت الله خان پاران ٺاهيل هڪ جامع ڊاڪيومينٽري فلم ڏيکاري وئي ان کان علاوه اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جو سيڪريٽري حميد آخوند، ڊاڪٽر رفيق مغل ۽ ٻين محققن پاران مڪلي قبرستان جي مختلف تاريخي، ثقافتي ۽ علمي و ادبي پهلوئن بابت جامع تقريرون پڻ ڪيون. ان موقعي تي مڪلي عالمي ڪانفرنس لاءِ مختلف تاريخي شين جا اسٽال پڻ لڳايا ويا هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button