مختصر خبرون

چوهڙ جمالي هيلٿ سينٽر ۾ دوائن جي کوٽ، مريضن لاءِ عذاب

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،چوهڙ جمالي
Choohar Jamali Hospitalچوهڙ جمالي هيلٿ سينٽر مريضن لاءِ عذاب گهر بڻجي ويو ، دوائن جي کوٽ معمول بڻيل ، مريضن کي زبردستي ريفر ڪندڙ ريفر سينٽر علائقي کي ڪوبه لاڀ نه ڏيئي سگهيو ، مرف جي ڀرتي ڪيل اسٽاف کي 5 مهينن کان پگهار به نه ملي سگهي . شاهبندر تعلقي جي مرڪزي شھر چوهڙ جمالي جي مک اسپتال رورل هيلٿ سينٽر مرف نالي اين جي اوز حوالي ٿيڻ کانپوءِ مڙني سهولتن کان وانجهيل آھي دوائن جي مسلسل کوٽ سبب مقامي ماڻھن کي پرائيويٽ اسٽورن تان دوائون خريد ڪرڻيون پون ٿيون جنهن جي ڪري شاهبندر تعلقي جي غريب مسڪين ماڻھن کي ڪوبه رليف نٿو ملي جنهن جي نتيجي ۾ ماڻھن رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي ۾ سهولتون نه هجڻ عيوض پرائيويٽ اسپتالن ۽ عطائي ڏانهن رخ ڪيو آھي جيڪي انهن غريب مسڪين ماڻھن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آھن ساڳئي وقت رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي ۾ دوائن جي کوٽ سان گڏ اڪثر ڊاڪٽر ڊيوٽي عيوض پنهنجي اسپتالن تي مصروف هوندا آھن جن کي ايمرجنسي جي صورت ۾ ڪال ڪري گهرايو وڃي ٿو ، ان صورتحال کانپوءِ چوهڙ جمالي جو هي شفا گهر شاهبندر تعلقي جي عوام جي لاءِ عذاب گهر بڻجي ويو آھي ، رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي تي شاهبندر سميت جاتي تعلقي ۽ کاروڇاڻ تعلقي جا ماڻھو طبعي امداد جي لاءِ اچن ٿا پر ڊاڪٽرن جي غير موجودگي ۽ دوائن جي کوٽ ۽ ڪابه سهولت نه هجڻ سبب اڪثر مريضن کي سجاول ٺٽو ريفر ڪيو وڃي ٿو ، رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي ۾ ايڪسري مشين خراب هجڻ الٽرا سائونڊ نه ٿيڻ ۽ ليبر روم تي اسٽاف جي غيرموجودگي سبب ڳورهاري عورت کي پڻ پرائيويٽ اسپتالن ڏانهن روانو ڪيو وڃي ٿو هوڏانهن اهو به معلوم ٿيو آھي ته مرف اين جي اوز پاران ڀرتي ڪيل اسٽاف کي 5 مهينا گذرڻ جي باوجود اڃان تائين پگهارون نه ملي سگهيون آھن مرف انتظاميه پاران دوائن جي کوٽ جو سدائين اهو جواز ڄاڻايو ويندو آھي ته بل نه ٿيڻ ڪري دوائن بند ٿي ويون آھن چوهڙ جمالي جي شھرين ۽ سماجي اڳواڻن جواد جميل ڪنڀر ، ساگر ميمڻ ، قادر ڪنڀر ۽ ٻين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته مرف اين جي اوز کان اسپتال کي آجو ڪري دوائن جي کوٽ ختم ڪري طبعي سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن مقامي ماڻھن کي رليف ملي سگهي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button