مختصر خبرون

ڊسٽرڪٽ بار خيرپور جون چونڊون، خزانچي جي هارائيل اميدوار طرفان ٻيهر ڳڻپ جي درخواست

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
ڊسٽرڪٽ بار خيرپور جون چونڊون، خزانچي جي هارائيل اميدوار طرفان ٻيهر ڳڻپ جي درخواست اماڻي ويئي، انفارميشن سيڪريٽري جي عهدي تي مقرر. تفصيل مطابق ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور جي سال 2018 لاءِ چونڊون 20 جنوري تي ٿي گذريون. جنهن ۾ خزانچي جي هارائيل اميدوار مس فرزانه ڀٽي طرفان سنڌ بار ڪائونسل کي درخواستون اماڻيندي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي ڪامياب اميدوارن طرفان مس فرزانه ڀٽي کي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور جي انفارميشن سيڪريٽري جي عهدي تي نامزد ڪري ڇڏيو آهي. مس فرزانه ڀٽي ان ڳالهه جي تصديق ڪندي ڄاڻائيو آهي ته مون اليڪشن 2018 ۾ ووٽن جي ٻيهر ڪائونٽنگ لاءِ سنڌ بار ڪائونسل کي درخواست اماڻي آهي جڏهن ته ڊسٽرڪٽ بار جي نون منتخب ٿيل اميدوارن طرفان مون کي انفارميشن سيڪريٽري جو عهدو ڏنو ويو آهي جنهن جي مون خوشيءَ سان چارج وٺي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button