سکر

ڪرپٽ سياسي ۽ تعليمي نظام جمهوريت لاءِ خطرو آھي، سراج الحق

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
Siraj ul Haqجماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت صابڻ جي ٽڪي تي بيٺل آهي، ڪرپٽ سياسي ۽ تعليمي نظام جمهوريت لاءِ خطرو بڻيل آهن. سکر پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سراج الحق چيو ته سڄو ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ جو عوام ظالماڻي نظام ۽ ناقص پاليسين سبب غريب ۽ بدحال آهي، سنڌ جا شهر ۽ ڳوٺ ڏسي 70 جو زمانو ياد ايندو آهي. سنڌ جي عوام سدائين حڪمرانن تي اعتماد ڪيو ۽ ان کي ئي ووٽ ڏنو آهي پر موٽ ۾ کيس غربت ۽ لاقانونيت ملي آهي. هن چيو ته قصور ۾ زينب معاملي تي احتجاج ڪندڙن تي گوليون هلايون ويون، محرابپور ۾ نمرا جو اغوا بعد لاش مليو اهي معاملا ملڪ جي نظام جي ناڪامي جو ثبوت آهن. هن چيو ته عام چونڊون 2018ع ۾ وقت تي ٿينديون پر عام ۽ سينيٽ جي چونڊن تي شڪ حاوي نظر اچي ٿو. هن چيو ته پاناما ڪيس ۾ 111 ڏينهن ڪاروائي هلڻ بعد رڳو ھڪڙي ماڻهو اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي سزا ملي جڏهن ته پاناما ڪيس ۾ شامل سڀني کي سزا ملڻ گھرجي ها. صاف سٿري جمهوريت لاءِ احتساب لازمي آهي پر جمهوري عمل ۽ احتساب گڏ هلڻ گھرجن. هن چيو ته هي عجيب حڪومت آهي جيڪا ايڪشن به ڪري ٿي ۽ روئي به ٿي. عقيده ختم نبوت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي اها سزا ملي رهي آهي انهن خلاف عوام احتجاج ڪيو. هن چيو ته ماڊل ٽائون سانحي جا قاتل اڃا گرفتار ناهن ٿي سگھيا احتجاج ڪرڻ ان جو حق آهي جماعت اسلامي ان احتجاج ۾ شامل ٿيندي. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت صابڻ جي ٽڪي تي بيٺل آهي ۽ اڄ به ڏڪي رهي آهي. ڪرپٽ سياسي نظام ۽ تعليمي نظام جمهوريت لاءِ خطرو بڻيل آهن. جمهوريت کي سياستدانن نقصان پهچايو آهي ، سياستدان پاڻ تي قانون لاڳو ڪن ڳاڙهي بتي جو احترام ڪن ۽ ڪا جاءِ خالي نه ڇڏين ڇو ته خالي جاين ۾ جن ايندا آهن. هن چيو ته ملڪ جي عدالتي نظام تي ئي تبيرو ڪافي آهي ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پاڻ چئي رهيو آهي ته هو وڪيلن جون فيسون ڀري ڀري ٿڪجي پيو آهي اتي عام ماڻهو جي ڇا حالت هوندي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button