مختصر خبرون

ٽين شادي جي اجازت ملڻ جي نوجوان آپگھات ڪري ڇڏيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ميرپورماٿيلو

Mirpurmathlo khudkushi kandarh waseem korae
محمد وسيم ڪورائي
ميرپورماٿيلو ۾ ٽين شادي جي اجازت نه ملڻ تان بندوق جا فائر ڪري نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي آهي ان سلسلي ۾ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته ميرپورماٿيلو جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان حيدرشاه محلي جي رهواسي شٽرنگ جو ڪم ڪندڙ 26 ورهين جي نوجوان پورهيت محمد وسيم پٽ ميرحسن ڪورائي پاران اڳ ۾ پيار وچان پرڻو ڪيل ٻين زال ۽ والدين کان ٽين شادي جي اجازت نه ملڻ تي گهر ۾ ڪمري جو دروازو بند ڪري پاڻ مٿان 12 بور واري آٽو ميٽڪ رپيٽر جا 2 فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب نوجوان جي گهر ۾ قهرام متل هو هوڏانهن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button