مختصر خبرون

چوھڙجمالي: عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ خوشحالي طرف گامزن ٿيندو، پي ٽي آءِ

ناشاد ملاح
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، چوھڙجمالي
PTI Sindh 1ن ليگ ملڪ ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي انهن جو احتساب ٿيڻ وقت جي ضرورت آھي عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ خوشحالي طرف گامزن ٿيندو چور ۽ لٽيرن کان ملڪ کي پاڪ ڪيو ويندو اهڙي خيالن جو اظھار پاڪستان تحريڪ انصاف پاران چوهڙ جمالي ۾ تنظيم سازي جي سلسلي ۾ ڪوٺايل اجلاس ۾ بدين ضلع جي ریجن نائب صدر ڏاڏا شورو ضلع سجاول جي صدر شاھنواز رند تعلقي شاھ بندر جي شعيب ازاد ميمن سليم ميمن ۽ ٻين ڳالهائيندي ڪيو ھنن چيو تہ عمران خان جي قيادت م تبديلي اچي ویئي آھي نواز شريف عدليہ جي خلاف نازيبا تنقيد پيو ڪري ، پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڌندڙ مقبوليت مخالفن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آھن سنڌ ۾ پي ٽي آئي جي ميمبرشپ ۾ وڏي پئماني تي اضافو ٿي رهيو آھي انشاالله 2018 ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ڪلين سوئيپ ڪندي ملڪ جو وزيراعظم عمران خان ٿيندو ۽ مخالفن کي منهن ٽوڙ شڪست نصيب ٿيندي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button