ٻن استادن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيڻ خلاف استادن جو مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، جوھي

جوهي جي استادن جي گرفتاري ۽ مٿن دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ خلاف استاد برادري احتجاج ڪري رهي آهي.
جوهي جي ٻن استادن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيڻ ۽ سندن گرفتاري خلاف استادن جو احتجاجي مظاهرو، سزا آيل استاد آدمشماري جي ڊيوٽي لاءِ رليو ٿيل آهي، استادن تي داخل ڪيس ختم ڪري کين آزاد نه ڪيو ويو ته تحريڪ هلائي ويندي. اڳواڻ. خبر موجب جوهي جي استادن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کين جيل موڪلڻ خلاف جوهي جي پرائمري استادن پ ٽ الف اڳواڻن غازي خان جمالي، مزار خان کوسي، ممتاز لغاري جي اڳواڻي استادن جوهي پريس ڪلب اڳيان بشير ٿهيم روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي استاد اڳواڻن چيو ته استاد هڪ عظيم پيشو آهي، انهن کي ڌاڙيلن وانگي گرفتار ڪري کين هٿڪڙيون هڻڻ بعد دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جيل موڪلڻ جي سخت مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته استادن جو نه ڪيس هليو، نه کين ڪو شوڪاز ئي مليو، جڏهن ته استادن کي معطل ڪرڻ جو اختيار تعليم کاتي کي آهي. هنن چيو ته گرفتار استاد آدمشماري واري ڊيوٽي جي ڪري رليو ٿيل آهي، پر ان باوجود استادن ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته اسان پڙهائي جو عمل جاري رکنداسين، باقي استادن جي گرفتاري لاءِ سڀاڻي کان اسڪولن ۾ اسيبملي دوران استاد ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي تصويرون ڪڍي سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا، جيڪڏهن پوءِ به استادن کي آزاد نه ڪيو ويو ته تحريڪ هلائي ويندي.