خيرپور

خيرپور: مارجي ويل قانوندانن جي جوابدارن جي گرفتار لاءِ وڪيلن جو لانگ مارچ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
Protest against killing of lawyers 1مارجي ويل ناليواري قانوندان صاحب خان ڪناسرو، محمد اشرف ڪناسرو، نظير احمد ڪناسرو جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وڪيلن جو لانگ مارچ، سخت احتجاجي مظاهرو، قومي شاهراهه بلاڪ، ٽائرن کي باهيون، ٽريفڪ بيهجي وئي. خبر موجب هڪ سال جي اندر ناليواري وڪيل صاحب خان ڪناسرو سميت سندس ڀائٽين محمد اشرف ڪناسرو، ۽ نظير احمد ڪناسرو کي جوابدارن قتل ڪيو جن جا قاتل پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سوين وڪيلن ڊسٽرڪٽ بار سيشن ڪورٽ کان وڏي ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس خيرپور ٻاهران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي، پراڻو نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن سبب ٽريفڪ بيهجي وئي، مظاهري جي اڳواڻي وڪيل ڪي بي ڪٻر، سيد جعفر شاهه، امداد خميساڻي، حفيظ چانڊيو، فياض خميساڻي، شبير ڀٽو، منظور انصاري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، هنن چيو ته هڪ سال جي اندر هڪ وڪيل سميت سندس ٽن ڀاتين کي مختلف وقتن تي قتل ڪيو ويو آهي پر پوليس جي ڪن تان جونءَ به نه چري آهي هننچيو ته جيڪڏهن 3 ڏينهن اندر جوابدار گرفتار نه ٿيا ته سوڀوديرو پوليس خلاف سخت تحريڪ هلائينداسين جنهن جي زميواري خيرپور انتظاميا جي هوندي، جڏهن ته سي آءِ اي پوليس جي انچارج ڊي ايس پي مير امداد ٽالپر وڪيلن ساه ڳالهيون ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو يقين ڏياريو جنهن کان بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button