مختصر خبرون

هنڱورجا: آبادگارن جو احتجاجي مظاھرو جاري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
صوڀوديرو تعلقي ۾ اسڪارپ جا ٽيوب ويل خراب هجڻ ۽ سم ڪلر ۾ اضافو ٿيڻ خلاف آبادگار ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي آبادگارن ۽ هارين 11 ڏهاڙي احتجاجي مظاهرو ڪري ڪامريڊ لونگ خان حطار،منير سهتو،ارشد آرائين،ٻڍل سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بُک هڙتال ڪئي وئي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته صوڀوديرو تعلقي ۾ 80 سيڪڙو اسڪارپ کاتي جا ٽيوب ويل ناڪارا پيل آهن جنهن جي ڪري سم ۽ ڪلر ۾ اضافو ٿي ويو آهي اسڪارپ کاتي جا ڪامورا ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪرڻ ۾ رڌل آهن انهن جي خلاف ڪاروائي نه ٿي ڪئي وڃي جيڪڏهن اسڪارپ جا ٽيوب ويل درست ڪري سم جو خاتمو نه آندو ويو ته اسان احتجاجي تحريڪ جو دائرو وسيح ڪنداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button