آرٽيڪل

سينيٽ چونڊون ۽ ملڪ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ

صاحب خان ڀٽي
آخرڪار ملڪ ۾ چونڊون ويجهو ايندي ئي سياسي پارٽين پاران عوامي سرگرمين ۾ واڌ اچي چڪي آهي، مسلم ليگ نون ، پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف کانسواءِ ٻيون کوڙ ساريون پارٽيون ميدان ۾ لهي آيو آهن، جڏهن ته هڪ ٻئي خلاف بيان بازي جو به سلسلو به جاري آهي، پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ پاران سينيٽ جي چونڊون کٽڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ان حوالي سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنجاب ۾ ناراض ميمبرن کي پرچائڻ ۽ پنهنجي طرف ڇڪڻ جي حڪمت عملي به جوڙي وئي آهي، جنهن بعد نواز ليگ پاران پيپلزپارٽي تي هارس ٽريڊنگ جا الزام به لڳايا پيا وڃن، جڏهن ته نواز ليگ ايندڙ چونڊن ۾ ٻيهر ڪامياب ٿي اقتدار ۾ اچڻ جا خواب ڏسي رهي آهي، نوازليگ اڳواڻ ۽ وفاقي ريلوي وارو وزير خواجا سعد رفيق به پيپلزپارٽي کان پڇي رهيو آهي ته انهن پنهنجي دور ۾ ڪهڙو ڪم ڪيو آهي، ايتري قدر جون هن پنهنجي پارٽي جي اقتداري دور ۾ ٿيل ترقياتي رٿائن جا به حوالا ڏنا۽ چيو ته سندن حڪومت ۾ سي پيڪ سميت ٻيا ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا، جن مان ڪيترائي مڪمل به ڪيا ويا آهن پر جيڪي پارٽيون نواز ليگ تي تنقيد ڪري رهيون آهن، انهن پنهنجن اقتداري دور ۾ ڪجهه به نه ڪيو.
بهرحال پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ سميت ٻين سمورين جماعتن طرفان ايندڙ چونڊن جي تياري ڀرپور نموني سان هلي رهي آهي ۽ مختلف شهرن ۾ جلسا به ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب ملڪ ۾ چونڊن مهم جهڙو ماحول پيدا ٿي ويو آهي. پر هاڻ نواز ليگ جي اها اميد ته نوازشريف به چونڊن ۾ حصو وٺندو، اهو ممڪن نه آهي، ڇاڪاڻ ته نوازشريف ته تاحيات نااهل ٿي چڪوآهي ۽ اهو چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهندو، اهوئي سبب آهي جو نوازشريف ادارن خلاف تقريرون ڪري رهيو آهي، جنهن خلاف ڪجهه ماڻهو سندس خلاف عدالتن ۾ درخواستون به جمع ڪرائي رهيا آهن، جيئن ته نوازشريف گريٽر پنجاب جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، تنهن تي مٿس تنقيد به ٿ رهي آهي، پر ان باوجود نواز ليگ صدر ميان محمد نواز شريف پنهنجي تقريرن ٿوري به رعايت نه ڪئي آهي. جنهن بعد سندس لاءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون پيون وڃن، سندس پارٽي ۽ مٿس روزانو ڪنهن نه ڪنهن عدالت درخواستون داخل ٿي رهيون آهن ، جيئن ڪجهه عرصو اڳ لنڊن ۾ ويٺل شخص خلاف داخل ٿيڻ شروع ٿي ويون هيون، لنڊن واري شخص خلاف درخواستون ان وقت داخل ٿيون هيون، جڏهن هن هن ملڪ جي ادارن خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو هو، نه ته اهو لنڊن وارو شخص اڳ ۾ انهن ئي ادارن جو لاڏلو هو. بهرحال لنڊن واري شخص ۽ نواز ليگ جي صدر ميان نوازشريف وچ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي،
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته نوازشريف چونڊن کان اڳ پنهنجو رويو تبديل ڪري ٿو يا وري لنڊن واري شخص جيان پاڻ تي پابندي ٿو لڳرائي ؟. بهرحال عدالتن به نااهلي بابت ڪو دڳ ضرور ڳوليو ويندو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به شخص کي تا حيات نااهل ڪرڻ سان پارٽين ۾ ڪاوڙ سان گڏ ادارن خلاف ڳالهائڻ وارو لاڙو وڌي سگهي ٿو، جيئن نوازشريف ۽ نواز ليگ اڳواڻن جو رويو تبديل ٿي ويو آهي، پاناما ليڪس کانپوءِ نوازشريف کي نااهل ڪيو ويو، جنهن تي هن وقت به نواز ليگ پريشان آهي ۽ ان معاملي مان نڪرڻ جي ڪوشش به ڪري رهي آهي پر هن وقت تائين پنهنجي جند آجي نه ڪرائي سگهي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ اسان کي ٻڌڻ ۾ آيو هو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اها دعويٰ ڪئي هئي ته ڪجهه به ٿئي پئي هو هڪ سيڪنڊ به اڳ پنهنجو اقتدار نه ڇڏيندا ۽ نواز ليگ پنهنجو مدو پورو ڪندي، جڏهن ته تحريڪ انصاف سميت ڪجهه پارٽيون نواز ليگ سرڪار کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪنديون رهيون آهن پر ان باوجود لڳي ٿو ته انهن سمورين پارٽين کي منهن ڏيڻ جي مڪمل طور حڪمت جوڙي رکي آهي جو اهي ايترو مطئمن آهن ته چونڊون وقت تي ٿينديون ۽ وقت کان اڳ استعيفيٰ نه ڏيندا، جيئن ته چونڊن ۾ اچي ڪجهه وقت بچيو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن پاران به 3 مارچ تي سينيٽ جي چونڊن جو اعلان ڪندي شيڊيول جاري ڪئي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل شيڊيول موجب، نامزدگي ڪاغذ 4 فيبروري کان 6 فيبروري تائين جمع ڪرائي سگهبا، جڏهن ته نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 9 فيبروري تائين مڪمل ڪئي ويندي، . ميڊيا رپورٽس موجب، اسحاق ڊار، نزهت صادق، ڪامران مائيڪل، ذوالفقار کوسا ۽ نثار ميمڻ به رٽائرڊ ٿيرهيا آهن، پ پ جي 26 ميمبرن مان 18 سينيٽرز، مسلم ليگ ن جي 27 مان 9 سينيٽرز رٽائرڊ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته اسلام آباد مان 2 ۽ فاٽا مان به 4 سينيٽرز رٽائرڊ ٿي رهيا آهن. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو طاهر مشهدي، نسرين جليل ۽ فروغ نسيم به رٽائرڊ ٿيندڙن ۾ شامل آهن، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل شيڊيول موجب، سينيٽ جي چونڊن لاءِ پولنگ 3 مارچ تي ٿيندي، ٻئي طر اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته 11 مارچ تي 104 مان سينٽ جا 52 ميمبر رٽائرڊ ٿي رهيا آهن، جن ۾ پنجاب ۽ سنڌ مان 12، 12، ڪي پي ۽ بلوچستان مان 11، 11 سينيٽرز رٽائرڊ ٿي رهيا آهن.
بهرحال نواز ليگ پنهنجي ناراض اڳواڻن کي پرچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، ان حوالي سان پنجاب جي وڏي وزير پير حميد الدين سيالوي سان ملاقات ڪري معاملي کي حل ڪرائڻ جي به ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾ هو گهڻي حد تائين ڪامياب به ويو، نواز ليگ جا ناراض ۽ پارٽي تان استعيفائون ڏيندڙ به آهستي آهستي نواز ليگ ۾ شامل ٿي رهيا آهن، ڏيڍ مهينو اڳ ختم نبوت جي معاملي تي مسلم ليگ ن جي 4 پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، انهن به پنهجو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي، استعيفيٰ واپس وٺڻ وارن ۾ نظام الدين سيالوي، مولانا رحمت الله، رضا نصر الله ۽ محمد خان بلوچ شامل آهن. هوڏانهن تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن ۾ پرڏيهي فنڊنگ بابت هلندڙ ڪيس جي ڪارروائي روڪڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي اختيارن واري دائري کي چئلينج ڪيو ويو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڪبر ايس بابر جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو. جنهن جو فيصلو گذريل سومر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي تحريڪ انصاف جي درخواست خارج ڪري ڇڏي هئي،بهرحال ٻئي پارٽيون عدالتن کي منهن ڏئي رهيون آهن ۽ هاڻ پيپلزپارٽي کي به عدالتن ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف ته روزاني عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيون آهن پر پيپلزپارٽي تي ڪو به ڪيس نه هلي رهيو هو ، ان حوالي سان تحريڪ انصاف به پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ کي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا واقعي نواز ليگ سرڪار سينيٽ جون چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي يا وري اهو معاملو به اڳتي هليو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button