راولپنڊي

هاڪاري رويي باوجود افغانستان مان سرحد پار دهشتگردي جاري آهي: آرمي چيف

راولپنڊي:آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته افغانستان جو امن پاڪستان لاءِ ڪنهن به ملڪ کان وڌيڪ اهم آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرل جوزف ملاقات ڪئي. ترجمان موجب ملاقات دوران افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڊي آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران خطي جي سڪيورٽي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان موجب جنرل جوزف خطي توڙي افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪستان جي هاڪاري رويي باوجود افغانستان مان سرحد پار دهشتگردي جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ هميشه ڪوشش ڪيون جيڪي جاري رکيون وينديون. سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ امن پاڪستان لاءِ ڪنهن به ملڪ کان وڌيڪ اهم آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button