شاھ عبداللطيف يونيورسٽي

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ داخلا حاصل ڪرڻ جي تاريخ ۾ واڌ

النور نيوز، خيرپور
شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڊائريڪٽر ايڊميشن نذير احمد منڱڻيجو پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي مين ڪيمپس ۽ ان جي سمورن ڪيمپسز ۾ تعليمي سال 2018 ۾ سمورن فيڪلٽين ۽ تدريسي شعبن ۾ داخلا حاصل ڪرڻ جي تاريخ ۾ 22 نومبر 2017 تائين واڌ ڪئي وئي آهي. داخلا فارم حبيب بينڪ سکر ۽ لاڙڪاڻه ريجن جي مقرره ڪيل شاخن مان 22 نومبر تائين حاصل ۽ جمع ڪرائي سگھجن ٿا. ڊائريڪٽر ايڊميشن مطابق بيچلز پروگرام جو پري انٽري ٽيسٽ 4 ڊسمبر 2017 جڏهن ته ماسٽرز پروگرام جي پري انٽري ٽيسٽ 5 ڊسمبر 2017 تي ٿيندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button