اسلام آباد

موجوده حالتن ۾ نواز شريف سان ملاقات يا سهڪار ملڪ دشمني جهڙو هوندو: آصف زرداري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ويب ڊيسڪ
اسلام آباد: اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ نواز شريف سان ملاقات يا سهڪار ملڪ دشمني جهڙو هوندو، اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن سان ڳالهائيندي آصف زرداري جو چوڻ هيو ته نواز شريف پنهنجي جمهوريت دشمن ايجنڊا پاڻ ئي بي نقاب ڪري ڇڏي آهي ۽ پيپلز پارتي جمهوريت خلاف نواز شريف جي ڪا سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي، اڳوڻي صدر چيو ته نواز شريف عدليه کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ناڪامي تي معزز ججن تي ذاتي حملا شروع ڪري ڏنا، جڏهن ته عدالتي فيصلي کي ججن جي ڪاوڙ ۽ بغض قرار ڏنو، هن چيو ته ان کان اڳ نواز شريف فوج کي پنهنجو غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪاميابي نه ٿي، جنهن تي انهن وزيرن کي فوج خلاف بيهاريو، آصف زرداري چيو ته نواز شريف پنهنجو پاڻ کي قانون ۽ احتساب کان مٿانهون سمجهندو آهي ۽ ان ججن تي حملو ڪري پنهنجي اڻڄاتل ايجنڊا سڀني سامهون رکي ڇڏي، عدليه تي غملو آئين تي حملو آهي ۽ آئين تي حملو جمهوريت تي حملي برابر آهي، پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين چيو ته اهو ڪڏهن جمهوريت خلاف ڪنهن سازش جو حصو ناهي بڻيو ۽ نه بڻجندو، قوم ڄاڻي وٺي ته انهن جي ايجنڊا سڀني کي معلوم آهي، هن چيو ته نواز شريف قوم سان ڊبل گيم ڪري رهيو آهي، هڪ طرف اهو شهباز شريف ۽ وزيرن کي انهن خلاف بيان ڏيندو آهي، ٻئي طرف ملڻ جو پيغام ڏيندو آهي، جڏهن ته جلد نواز شريف جي جمهوريت دشمن پاليسين تي چارج شيٽ جاري ڪنداسين، آصف زرداري دعويٰ ڪئي ته نواز شريف جمهوري نظام کي تباهه ڪري سياسي شهيد بڻجڻ چاهي ٿو ۽ اهو ڪجهه عالمي طاقتن جي ايجنڊي کي اڳتي وڌائي رهيو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button