انتهائي ڪارروايون ٿي رهيون آهن، ڀڄڻ وارو ناهيان، قانوني جنگ وڙهندس: نواز شريف
انڊس نيوز ويب ڊيسڪ
مري: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته منهنجي خلاف انتقامي ڪارروايون ٿي رهيون آهن پر مان ڀڄڻ وارو نه آهيان پر عدالتن ۾ قانوني جنگ ڪندس. اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف اسلام آباد مان مري پهچي ويو آهي. پنهنجي رهائشگاهه ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته مان عوام جي خدمت جو فرض ادا ڪندو رهندس. هن چيو ته خبر ناهي ته مون سان اهڙو سلوڪ ڇو ٿي رهيو آهي؟ سندس چوڻ هو ته عوام جي محبت منهن لاءِ عزت جوڳي آهي، منهنجي دل ۾ به عوام لاءِ محبت آهي. نواز شريف چيو ته الله پاڪستان ۽ اسان تي رحم ڪري، ترقي جو جيڪو سفر شروع ڪيو اهو تيزيءَ سان اڳتي وڌندو، واعدو آهي ته قوم جي خدمت جو فرض ادا ڪندو رهندس. نواز شريف چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي خاص هدايت ڏيندس ته هو مري ۾ جاري سمورن ترقياتي ڪمن کي جلد کان جلد مڪمل ڪري ته جيئن هتان جي ماڻهن جا مسئلا گهٽ ٿي سگهن. هن چيو ته پاڪستان جي جيترا به غريب ماڻهو آهن، انهن سڀني کي تحريڪ خوشحالي پروگرام تحت روزگار ۽ وظيفا ڏنا ويندا ۽ ملڪ جي سموري نوجوان نسل کي ورزگار جا وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪيا ويندا. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نواز شريف جو الله تعاليٰ ۽ قوم سان واعدو آهي ته نواز شريف جو قوم لاءِ جيڪو به ٿي سگهندو اهو ڪندو ۽ ملڪ مان لوڊشيڊنگ، بيروزگاري ۽ ٻين مسئلن جو خاتمو منهنجي اولين ترجيح آهي