لاھور

الزامن ۽ ناڪاري سياست ڪندڙن جو مستقبل اونداهو آهي: شهباز شريف

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ عوام ناڪاري سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيندو. پنجاب جي چونڊيل نمائندن سان ملاقات ۾ شهباز شريف چيو ته الزامن ۽ ناڪاري سياست ڪندڙن جو مستقبل اونداهو آهي. هن چيو ته ڪوڙ ۽ ناڪاري سياست ڪندڙن کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان اسان جو آهي، سڀني کي گڏجي سنوارڻو آهي. شهباز شريف چيو ته سياسي مسخرن قوم جو وقت برباد ڪيو آهي. هن چيو ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ عوام ناڪاري سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيندو. سندس چوڻ هو ته عوامي خدمت کان خالي عنصرن کي ملڪ ترقي وڻي ئي نه ٿي. شهباز شريف چيو ته سياسي مسخرن عوامي خدمت بدران قوم جو وقت برباد ڪيو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button