پوليو خلاف مهم دوران نا اهل آفيسرن، عملدارن ۽ ٻين خلاف قومي سطح تي ڪاروائي جو فيصلو
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
پوليو خلاف مهم دوران نا اهل آفيسرن، عملدارن ۽ ٻين خلاف قومي سطح تي ڪاروائي جو فيصلو، ڪم نه ڪرڻ وارن کي هرگز بخش نه ڪيو ويندو سرڪاري هدايتن تي عملدرآمد ڪرائن سان گڏ آفيسرن جي ڪارڪردگي هر صورت ۾ بهتر ڪئي ويندي. اهڙي خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد نواز سوهو 20 کان 23 نومبر 2017 تائين جاري رهندڙ پوليو جي خاتمي واري مهم جي سلسلي ۾ دربار هال ڊي سي آفيس ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊي سي خيرپور پاران اي ڊي سي ون کي ڊي سي آفيس ۾ قائم ڊي پي سي آر جو فوڪل پرسن مقرر ڪري روزاني جي بنياد تي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪندي اجلاس جي ڪاروائي جي معلومات سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ٺاهي ٽي ايچ او، يو سي ايم او، ايريا انچارج ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڊي سي خيرپور پوليو مهم ۾ لاڳاپيل ڊاڪٽرن ۽ عملدارن کي ٽرانسفر ۽ مقرري تي پابندي هڻي ڊي ايچ او، پ پ ايچ آءِ ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ڊي سي خيرپور يوسي جي فيل ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙي عمل ۾ ملوث عملدارن ۽ ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي. هن سکر ٽاسڪ فورس جي نگراني لاءِ مقرر ڪيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو خيرپور ۾ پوليو جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪن ۽ مائيڪرو پلان، پين مارڪر، ٽيلي شيٽ ۽ ٻين رپورٽن جي تياري ۾ مدد ڪن ڊي سي خيرپور پاران پوليو ٽيمن ۽ ٿرڊ پارٽي جي نگراني واري انڳ اکرن ۾ گهٽ وڌ اکرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٽي ايچ اوز جي ڇنڊ پٽيندي چيو ته جيڪو آفيسر ڪم صحيح نه ڪندو هن جي پڳهار ۽ الائونسز بند ڪيا ويندا. ان موقعي تي اي ڊي سي ون، محمد عثمان خالد، اي ڊي سي ٽو عبدالڪريم ميمڻ، ڊي ايچ او ڊاڪٽر نثار علي ڦلپوٽو، سکر ٽاسڪ فورس جي ڊاڪٽر اڪبر، اسسٽنٽ ڪمشنرز، ٽي ايچ اوز، ڊبليو ايچ او، پ پ ايچ آءِ، روٽري ڪلب خيرپور، پوليس، تعليم، ڊسٽرڪٽ خطيب ۽ ٻين کاتن جا آفيسر وڏي انگ ۾ موجود هئا.