نائن زيرو مان دهشتگردن اچي ڪراچي جي صورتحال خراب ڪئي: گورنر سنڌ
ٺٽو: سنڌ جي گورنر محمد زبير خان چيو ته آهي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ جنهن ۾ وقت تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ ٿيل اتفاق راءِ کان پوءِ هاڻي چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، گذريل چونڊن ۾ سنڌ پ پ اڪثريت ڪامياب ٿي هئي هاڻي گذريل چونڊون ڪهڙي پارٽي اڪثريت ماڻيندي اهي وقت کان اڳ ٿيندو،ٺٽو ڀرسان ڳوٺ گل شير برروهي کي سوئي گئس فراهم ڪرڻ واري تقريب کي بعد ۾ صحافين سان ڳالهيندي هن چيو ته منهنجي طرفان سياست ڪابه مداخلت نه آهي هن چيو ته گذريل چئن سالن ۾ وفاق طرفان سنڌ کي وڏيون رقمون فراهم ڪيون ويون آهن جن سان ترقي جي ڪمن ۾ تيزي اچڻ گهرجي، هن چيو ته پيئڻ لاءِ صاف پاڻي رستن جو تعميراتي ڪم صوبائي حڪومت کي ڪرائڻا آهن هن چيو ته هن وقت ڪراچي سميت سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي امن امان جي معاملي تي ڪو به ڪمپرومائيز نه ڪيو ويندو هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ عوام کي اهڙا نمائندن چونڊڻ گهرجي،سنڌ جي گورنر محمد زبير خان چيو ته آهي ته هن کان اڳ متحده قومي موومينٽ جي مرڪز نائين زيرو دهشتگردي اچي ڪراچي ۾ امنامان جي صورتحال خراب ڪندا هئا هاڻي نائين زيرو کي تالا لڳڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي ويئي اڳي سرمائيدار ڪراچي ۾ سرمايو لڳائڻ کان گهٻرائيندا هئا هاني ڪراچي ۾ سرمائيڪاري بهتر نموني سان ٿي رهي آهي، هن چيو ته متحده ۽ پي ايس پي اتحاد ڪرائڻ واري عمل سان منهنجو ڪو به واسطو نه آهي