غربت ۽ اسان جو نسل

جهانگير جهيجو
poverty-in-sindh
اسان پنهنجي روز مره جي زندگي ۾ اهڙا بيشمار ٻار ڏسون ٿا جيڪي گهرن ۾ ٻار سنڀالين ٿا بٺن تي تپيل سرون کڻن ٿا پنهنجي قد کان وڏو ٻوهاروکڻي روڊ رستا صاف ڪندي. ڪپڙا ڌوئيندي ٿانو ڌوئيندي ٽريفڪ سگنل ۽ روڊن پاسي ننڍيون ننڍيون شيون وڪڻندي گيراجن ۾ ڪم ڪندي ويلڊنگ ڪندي۽ کوڙسارين ٻين جڳهين ته به راند روند واري عمر ۾ سخت قسم جي مزدوري کان پوءِ به خوشين کان محروم مهنگائي۽ بيروزگاري والدين جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب والدين پنهنجي ٻارن کان محنت ۽ مزدوري ڪرائين ٿا.
جن ٻارن جي راند روند ۽ پڙهڻ لکڻ جي عمر هوندي آهي انهن جا ڪلها پنهنجي خاندان جي ڪفالت جو بار کڻڻ تي مجبور هوندا آهن. ڇو ته وڌندڙ مهنگائي جي مقابلي ۾ والدين جي گهٽ آمدني جي سبب انهن کي نه صرف تعليم جي زيور کان محروم ٿين ٿا پر پيٽ پالڻ لاءِ به قاصر آهن. مختلف غير سرڪاري تنظيمن جي سروي موجب ته ٻار کي پڙهائي جو ڏاڍو شوق هجي ٿو پر هو پنهجن والدين جي غربت جو احوال ڏئي مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن.
غربت ڏوهن جي ماءُ آهي. اها حقيقت آهي ته گهڻا ئي ڏوهه غربت جي ڪري ئي ٿيندا آهن.جنهن ۾ زياده تر اقتصادي (معاشي غربت)روزگار جو نه هجڻ (بيروز گاري)تعليم ۽ نامناسب صحت جون سهولتون آهن.
پاڪستان جي اڪثر آبادي بک ،بدحالي ۽غربت جي لڪير هيٺ آهي. امير طبقو راتون رات امير ٿيندو ٿو وڃي پر مڊل ڪلاس ۽ غريب عوام ڏينهون ڏينهن پوئتي ڌڪجي رهيا آهن.
اسان جي ملڪ ۾ غربت جا تمام گهڻا ڪارڻ آهن. مختلف مافيا قسم جا ٽولا موجود آهن جيڪي صرف ۽ صرف هڪ ڪلاس جي ماڻهن ۽ چند خاندانن جي نوڪري ڪن ٿا. اها هڪ عام سمجهه جي ۽ بلڪل سادي ڳالهه آهي ته جنهن به انسان کي هن جديد دور ۾ به بنيادي سهولتون جڏهن ميسر نه هونديون تڏهن هو انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندي ڏوهن ڏانهن مائل ٿي سگهي ٿو. اسانجي بدقسمتي آهي ته پاڪستان جي عوام جڪڙيل آهي انهن طبقاتي عنصرن وٽ جيڪي قابض آهن انتطامي لحاظ کان يا وري قبائلي لحاظ کان.
غربت جي خاتمي جي ڳالهه ڪندڙ وس وارا جيڪي پاڪستان جي عوام کي صرف ۽ صرف بيوقوف سمجهن ٿا ۽ عوام کي بنيادي گهرجن. حقن ۽ سهولتن کان محروم رکي موت جي منهن ۾ ڌڪين ٿا. غربت تي ضابطو ته پنهنجي جاءِ تي هتي ته هر روز غربت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اسان جي ملڪ جي ٽوٽل آبادي جو ٪40 کان مٿي عوام غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذاري رهي آهي۽ ان کان علاوه مڊل ڪلاس جي عوام جنهن مان به ڏينهون ڏينهن عوام مهنگائي سبب مشڪلاتن جو شڪار ٿي غربت جي لڪير هيٺ وڃي رهيو آهي. انيڪ مسئلن جي ورچڙهيل اسان جو ملڪ جنهن جا حڪمران عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪو خاطرخواه قدم نه کڻي سگهيا آهن. اسان وٽ مهنگائي به عروج ته بيروزگاري به علاج به مهانگوته تعليم به مهانگي! سڄي ملڪ ۾ غريب جي لاءِ کوٽ ئي کوٽ آهي. جئين:- پيڻ لاءِ صاف پاڻي جي کوٽ ، بجلي جي کوٽ، علاج لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ ، تعليم لاءِ اسڪولن ۾ استادن ۽ ڪتاب جي کوٽ. قدرتي وسيلن سان مالامال اسان جو ملڪ دنيا جي نقشي تي شاهوڪار هوندي به هتان جي عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي جيڪڏهن صرف ۽ صرف انهن وسيلن مان ملندڙ اپت کي برابري جي بنياد تي به ورهايو وڃي ته هڪ به فرد غربت ۾ زندگي نه گذاريندو. پر انصاف ڪندڙ ۽ وس وارا جيڪي ستل آهن عوام جي تڪليفن کان بخوبي اگاهه هوندي به اڻڄاڻ آهن ٻين سببن وانگر ڪرپشن به هڪ وڏو سبب آهي جنهن غربت کي هٿي وٺرائي آهي. ڪرپشن جي ڪري ترقياتي منصوبه خصوصن اسپتالون غير معياري ٿي پون ۽ نتيجو عوام سرڪاري اسپتالن جي سهولتن کان محروم ٿي نجي اسپتالن ڏانهن رخ ڪن ٿا ۽ جيڪي اخراجات برداشت ڪونه ٿا ڪري سگهن سي وري موت جي منهن ۾. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آخر ڪيسيتائين اسان جي ملڪ ۾ غربت تي ڪنٽرول ڪيو ويندو. تنهن لاءِ حڪمرانن کي ۽ تمام سياسي پارٽين کي گڏجي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ته جئين غربت ٿي ضابطو آڻي پنهنجي نسل کي بچائي سگجي
Twitter:@jahangirjahejo
[email protected]

شيئر ڪريو