تعليمي ادرن ۾ سنڌي زبان جي تعليم کي لازمي پڙهايو وڃي، صوبائي وزير ثقافت
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، حيدرآباد
تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي صوبائي وزير ثقافت سيد سردار شاهه ٻين شهرن مان ايندڙ مسافر ليکڪن ، دانشورن ۽اديبن لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 20 ڪمرن تي مشتمل جديد سهولتن سان آراستا ريسٽ هائوس تعمير ڪرڻ ، سنڌي ادبي سنگت جي آفيس جي توسيع ۽ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ حاصل ڪندڙ اديبن کي 15 _15 هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو _هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ميوزڪ اينڊ پرفارمنگ آرٽس (سمپا) جي نالي سان ادارو قائم ڪيو پيو وڃي جيڪو 2017ع تائين فعال ٿي ويندو _ هن چيو ته سرڪار وٽ جيڪا رقم اديبن لاءِ مختص آهي اها انهن تي ئي خرچ ڪئي ويندي ۽ سرڪار کان مدد گهرڻ بلڪل صحيح عمل آهي _ هن چيو ته لينگئيج اٿارٽي جي چيئرمين جي مقرري سرچ ڪميٽي پاران ڪئي وئي آهي ۽ سياسي تاثر واري ڳالهه کي رد ڪرڻ لاءِ آئون هن ڪميٽي جو حصو نه ٿيس _ هن چيو ته سنڌ جي دڳ دڳ جي مالڪي ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ ڌرتي جي فرزند هجڻ ڪري اهو سندن فرض آهي _ هن چيو ته جيڪڏهن آئون صوبائي وزير طور پنهنجي ذميواري صحيح نموني سان سرانجام نه ڏيان ته اوهان جو اهو فرض آهي ته اوهان مونکي هوشيار ڪيو ۽ مون سان گڏ ويهي مون کي منهنجي اوڻائين بابت آگاهي ڏيو باقي صرف تنقيد تي توجه نه ڏيڻ گهرجي _ هن چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته برداشت جي کوٽ آهي ۽ معاشري ۾ مثبت سوچ ذريعي برداشت واري احساس کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي_ هن چيو ته اوهان جي سهڪار سان ئي اسين ڪامياب ٿي سگهون ٿا_تقريب کي خطاب ڪندي سنڌي لينگوئج اٿارٽي جي چيئرمين عبدالغفور ميمڻ چيو ته مون لاءِ اهو تمام وڏو اعزاز آهي ته مونکي سنڌي ٻولي جي هن قومي اداري ۾ ٻولي جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي ۽ منهنجي ڀرپور ڪوشش هوندي ته سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ بهتري لاءِ اداري جي مقصدن تحت ڪم ڪيان. تقريب ۾ سنڌ ادبي سنگت جي ناليوارن اديبن جامي چانڊيو ، مدد علي سنڌي، ذوالفقار علي سيال، ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ سنڌي لينگئيج اٿارٽي جي چيئرمين عبدالغفور ميمڻ پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته تقريب ۾ ناليوارن اديبن ۽ شاعرن کي لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ۽ تعارفي سندون پڻ ڏنيون ويون