معذور انسان۾ هنري صلاحيتون هونديون آهن، ڊپٽي ڪمشنر

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، نواب شاھ

معذور انسان۾ هنري صلاحيتون هونديون آهن، ڊپٽي ڪمشنر
معذور انسان۾ هنري صلاحيتون هونديون آهن، ڊپٽي ڪمشنر
ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد محمد نعمان صديق لاٽڪي چيو آهي ته معذور انيڪ صلاحيتن جا مالڪ آهن ۽ هنن ۾ هنري صلاحيتون هونديون آهن کين موقعا گهٽ ملندا آهن اھا ڳالھ هن اڄ اين ڊي ايف نوابشاھ ۾ يو ايس ايڊ جي تعاون سان قائم دستڪاري مرڪز جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ڳالهائيندي ڪئي.هن وڌيڪ چيو ته اين ڊي ايف ۽ يوايس ايڊ معذور ڇوڪرين کي سينٽر جي صورت ۾ هڪ تحفو ڏنو آهي جنهن مان سوين معذور فائدو وٺي هنر سکي پنهنجي معاشي حالت بدلائي سگهندا۽ معاشري جي ترقي ۾پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهندا.ڊپٽي ڪمشنر ضلع انتظاميه پاران هرممڪن مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو.ان موقع تي اين ڊي ايف جي صدر عابدلاشاري ٻڌايوته مذڪوره سينٽر 60 معذور عورتن کي سکيا ڏيارڻ ۽ کين سلائي مشين جي ٽول ڪٽ جي فراهمي لاءِ قائم ڪيوويوآهي ته جئين معذور عورتون معاشي طور بحال ٿي معاشري لاءِ فخر جو باعث ٿي سگهن.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button
Close