آزادي ڏهاڙي 14 آگسٽ جي حوالي سان آزادي ٽرين خميس جي ڏينهن خيرپور اسٽيشن پهتي
آزادي ڏهاڙي 14 آگسٽ جي حوالي سان آزادي ٽرين خميس جي ڏينهن خيرپور اسٽيشن پهتي، جتي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور فياض حسين عباسي، ميونسپل خيرپور جي چئيرمين سيد امجد علي شاهه جيلاني، پ پ اڳواڻ مظهر منڱڻهار، علي شر مڪول، اسٽيشن ماسٽر نعمت الله ابڙو، محمد جمن سهتو، اسڪائوٽس، اسڪولن جي ٻارڙن ۽ خيرپور جي هزارين شهرين آجيان ڪئي، ان موقعي تي آزادي ٽرين جي انچارج ڊي ايس ريلوي ڪراچي محمد علي چاچڙ اخبار وارن سان ڳالهائيندي چيو ته هي ثقافتي ٽرين چئن صوبن سنڌ، بلوچستان، پنجاب، خيبرپختونخواهه سميت گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي نمائندي ڪندي راولپنڊي اسٽيشن کان نڪتي، جيڪا خيبر پختونخواهه، پنجاب، بلوچستان کان ٿيندي خيرپور پهتي آهي، هن ٽرين ۾ چئن صوبن جي تاريخي ماڳن، ثقافت، پاڪ آرمي، نيوي، ائير فورس جي ڪارنامن بابت هٿيار، تصويرون، پاڪستان ريلوي جي تاريخي شيون، سياچن ۽ ڪارگل ۾ پاڪ آرمي جي استعمال هيٺ سامان ۽ ٻيا تاريخي ۽ ثقافتي فلوٽ موجود آهن، ٽرين ۾ 117 ماڻهن جو اسٽاف آهي ۽ هن ٽرين کي هينئر تائين 52 لک ماڻهن گهمي ڏٺو آهي ۽ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيوآهي، هن چيو ته اسانجو مقصد پاڪستان جي نئين نسل کي پاڪستان ريلوي جي ڪارڪردگي ۽ چئن صوبن جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ آهي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر فياض حسين عباسي چيو ته اسان خيرپور اسٽيشن تي آزادي ٽرين کي ڀليڪار چئون ٿا ۽ اسان سڀ پاڪستاني آهيون ۽ ملڪ سان محبت ۽ پيار جي رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ اها ٽرين هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندي، ميونسپل خيرپور جي نئين چونڊيل چئيرمين سيد امجد علي شاهه پنهنجي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ وڏي خوشي ٿي رهي آهي ته هي ٽرين خيرپور پهتي آهي ۽ شهرين کي ٽرين ۾ موجود مختلف شيون، تصويرون ۽ چئن صوبن جي ثقافت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن سان پاڪستان سان يڪجهتي محبت ۽ پيار جي پيغام ۾ واڌارو ٿيندو، اسان پاڪستان جي سلامتي لاءِ دعا گو آهيون ۽ ٽرين ۾ موجود انچارچ سان گڏ سموري ٽيم کي مباڪباد پيش ڪيان ٿو. ان موقعي تي ٽرين ۾ موجود فنڪارن شهرين کي ثقافتي گيت ٻڌايا، آزادي ٽرين کي ڏسڻ لاءِ هزارين ماڻهو، عورتون ۽ ٻيا گڏ ٿي پيا ۽ خيرپور ريلوي اسٽيشن تي جيئي پاڪستان جا نعرا هڻي رهيا هئا ۽ ٻار جهمريون پائي گهمندا رهيا.