ھنڱورجا: سباس طاھره کي ور جي موت جي خبر، پوليس خلاف ڪيس ڪرڻ جو چتاءُ
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
تفصيل موجب پاڪستان جي آزادي واري ڏهاڙي 14 آگسٽ تي هنڱورجا شهر جي جعفري محلي ۾ پسند جي پرڻي تان ٻن پريمين نوجوان ڪامران لاڙڪ ۽ ناري سباس طاهره شاه کي دوکي سان گهرائي سباس طاهره جي وارثن پاران ڪامران لاڙڪ جي وارثن جي موجودگي ۾ هٿيارن جي زور تي زبردستي جوڙي کي زهر پياري قتل ڪرڻ جي ڪوشش واري انتهائي دردناڪ واقعي ۾ فوت ٿي ويل نوجوان ڪامران لاڙڪ جي موت جي خبر سباس طاهره کان 15 ڏينهن تائين مختلف بهانن سان لڪائڻ بعد گزريل رات نيٺ ڄامشورو ۾ ناري جي ڏير عمران لاڙڪ جي گهر ۾ کيس ٻڌائي وئي جيڪا خبر سباس طاهره مٿان وڄ جيئان ڪڙڪي پئي ۽ مليل ڄاڻ موجب خبر ٻڌڻ بعد سباس طاهره سڄي رات ڪامران کي ياد ڪندي روندي رڙندي ماتم ڪندي رهي ۽ ڪامران جي ڀاءَ عمران سميت ٻين گهر ڀاتين کي ڪامران جي موت جي خبر نه ٻڌائڻ تي ڏوراپاڏيندي رهي ته لاڙڪاڻي جا ڊاڪٽر ،ڪامران جا وارث ،پوليس ۽مون سان ملندڙ سول سوسائٽي جي ماڻهن ڪامران جي موت بابت مون کي نه ٻڌائي نا انصافي ڪئي مون کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ڪامران جو آخري ديدار ته ڪرايو وڃي ها هن جو چوڻ هيو ته ته زهر ڏيندڙن کي ڪنهن به ريت معاف نه ڪنديس هن جو چوڻ هيو ته هنڱورجا شهر ۾ وڃڻ ته پري جي ڳالهه آهي هو ان شهر جو پنهنجي ڪنن سان نالو به ٻڌڻ نه ٿي چاهي جتي مون کي ۽ ڪامران کي زهر ڏنو ويو ۽ ڪامران کي مون کان هميشه لاءِ جدا ڪيو ويو هن جو چوڻ هيو ته هو هاڻي ڪامران جي وارثن سان گڏ رهنديس
پسند جي پرڻي جي ڏوه ۾ زهر ڏئي قتل ڪيل نوجوان ڪامران لاڙڪ واري واقعي جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن سيد شمشاد شاه ،تحسين شاه ،مراد شاه ،احسن شاه جو وڏو ڀاءَ سيد محسن علي شاه معاملي راڄوڻي زريعي نبيرڻ جي لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيو آهن علائقي جي مختلف اثر رکندڙ ماڻهن سان ملاقاتون ڪري کين کي هن معاملي ۾ راڄوڻي زريعي مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ چيو آهي ٻئي پاسي مقتول نوجوان ڪامران لاڙڪ جي والد غلام رسول لاڙڪ جوابدار ڌر سان راڄوڻي ڪرڻ کان مڪمل انڪار ڪندي چيو آهي ته انهن بيگناه منهنجي پٽ کي بي دردي سان قتل ڪيو آهي ۽ نهن کي زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن لاءِ اسان انصاف لاءِ ملڪي عدالتن جو در کڙڪايو آهي ۽ الله جي عدالت ۾ ڪيس آهي جتي اسان سان انصاف ٿيندو ،جڏنهن ته ڪامران جي ڀاءِ عمران لاڙڪ پڻ راڄوڻي ڪوششن رد ڪندي چيو آهي ته اسان قانوني جنگ وڙهنداسين جتان اسان کي انصاف جي اميد آهي